پاڪستاني ادڪار اساما خان جو مايا علي سان محبت جو اعتراف

ويجهڙ ۾ رليز ٿيندڙ پاڪستاني فلم ناياب جي هيرو اساما خان اعتراف ڪيو آهي ته کيس اداڪارا مايا علي پسند آهي.
اداڪار اساما خان نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پهرين فلم سان گڏوگڌ ذاتي زندگي بابت ڳالهه ٻول ڪئي.
گفتگو دوران ميزبان جي هڪ سوال جو جواب ڏنيدي هن ٻڌايو ته کيس پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ ادڪارا ماهرا خان ۽ مايا علي تي ڪرش آهي ۽ ٻنهي سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
اداڪار چيو ته پنهنجي پسند بابت ڪيئي ڀيرا چئي چڪو آهيان انڪري ان جي ڄاڻ مايا علي کي به هوندي ته مان کيس پسند ڪيان ٿو.
اساما جي جواب تي ميزبان سوال ڪيو ته جيڪڏهن محبت جو اظهار ڪرڻو هجي ته ڪنهن سان ڪندئو؟ ان تي هن کِلندي اعتراف ڪندي چيو ته جيڪڏهن اظهار ڪرڻو پيو ته مايا علي سان ڪندس ڇو جو هوءَ غير شادي شده آهي.
مايا علي سان شادي بابت سوال تي اداڪار چيو ته ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.