سنڌ هاءِ ڪورٽ جو بئنر ۽ جهنڊا لڳائڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري ملڪيتن تي سياسي بئنرن، جهنڊن ۽ اشتهارن تي لاڳاپيل سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس نديم اختر جي روبرو سرڪاري ملڪيتن تي سياسي اشتهار لڳائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪراچي جي ميئر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو ڪهڙي قانون تحت توهان اشتهار لڳائڻ جي اجازت ڏني؟ جيڪڏهن ٽائونز توهان جي اختيارن جي دائري ۾ مداخلت ڪن ته توهان ڪارروائي ڇو نٿا ڪري سگهو؟
ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ اهو معاملو اٿاريو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري ملڪيتن تي سياسي بئنرن، جهنڊن ۽ اشتهارن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سياسي بئنر ۽ جهنڊا لڳائيندڙ سياسي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو.
عدالت چيو ته اشتهار لڳائيندڙ ڪمپنين جي سي اي اوز خلاف به ڪيس داخل ڪيو وڃي.
عدالت ڪي ايم سي ۽ ٻين کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪارروائي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.