سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ سون مهانگو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1500 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 15 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 84 هزار 671 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ 12 ڊالر واڌ کانپوءِ في اونس سون جي قيمت 2050 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.