پ پ سنڌ جا ادارا تباھ ڪري ڪرپشن جو راڄ قائم ڪيو آهي: صدرالدين شاهه

راڻيپور (رپورٽ:فياض حسين راڄپر )پ پ  15 سال سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ کي موئن جي دڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار  جي ڊي اي سنڌ جي صدر اين اي 203 جي اميدوار پير سيد صدرالدين شاھ راشدي، اين اي 204 جي اميدوار سردار معظم علي خان عباسي پي ايس 29 جي اميدوار ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ پي ايس 30 جي اميدوار ايڊوڪيٽ خالد حسين شيخ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ فقير امداد منگي درگاھ ريجهل شاھ جي گادي نشين سيد سرڪار حسين شاھ پير سيد نورالھدا شاھ جيلاني ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شفقت مهيسر ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي،ايڊوڪيٽ سجاد سولنگي، اڳوڻي وفاقي وزير پيرسيد عبدالقادر شاھ جيلاني جي پوٽي پيرسيد شفقت شاھ جيلاني  فرح ناز چانڊيو ،شبانا ناز شيخ،سيعدہ سحر سولنگي جلسي کي  خطاب ڪنديڪيو،هنن وڌيڪ  چيو ته پيپلزپارٽي 15 سالن  کان سنڌ جي عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري وڃي ٿي جيڪي 15 سالن تائين ناهن پورا ٿي سگھيا سنڌ جي عوام کي رستن، صحت  سميت ٻين سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي پر عوام هاڻي هوشيار ٿي چڪو آهي ۽ حساب وٺي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته هن وقت فيصلي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ ڪرپٽ ٽولي جيڪو سنڌ جي عوام جو رت چوسيو آهي انهن کي 8 فيبروري تي ستاري تي ٺپو هڻي سنڌ جي مٿان ڇانيل ڪارن ڪڪرن ۾ روشني ڪري ڇڏيندو ھنن چيو ته پ پ سنڌ جا ادارا تباھ ڪري ڇڏيا آهن ڪرپشن جو راڄ قائم ڪري رکيو آهي عوام کان تعليم، صحت، روزگار جھڙيون سهولتون کسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پنڻ لاء مجبور ڪري ڇڏيو آھي ان موقعي  پيرسيد دلشاد شاھ جيلاني،ميان نعيم فاروقي،وڏيرو غلام حسين سولنگي، فقير سردار بخش علي آردين فقير خادم حسين آردين، فقير عبدالقادرشر ، اعظم سولنگي ،نادرعلي سولنگي  سميت ٻين وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.