خيرپور ( ڊر ) پ پ اڳواڻ منظور حسين وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ناڪام شخص ڇوٿو ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جو خواب نه لهي،هن ڀيري عوام نواز شريف کي رد ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچ ڀائر ۽ نياڻين کي سندن جائز حق ڏنا وڃن، هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت بلوچستان ۽ بنجاب ۾ محنت ڪري رهيا آهن، منت جا مثبت نتيجا 8 فيبروري تي ايندا، ن موقعي تي بئريسٽر هالار وساڻ چيو ته ڪوٽڏيجي ،خيرپور سميت سنڌ ۾ اگر ڪنهن پارٽي ڪم ڪيو آهي ته اها پيپلزپارٽي آهي، ان موقعي تي نديم خان وساڻ ، جي ايم بلوچ، ڪاشف وساڻ ۽ ٻيا موجود هئا