اوهان جي حقن لاءِ بلاول ۽ مان ڪڏهن به خاموش نه ويهنداسين: آصفه ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلاول ۽ مان اوهان جو آواز آهيون،  اوهان جي حقن لاءِ نه  بلاول ڪڏهن  خاموش ويهندو نه مان خاموش ويهندس هن چيو ته اسان جو منشور توهان جي زندگي بهتر بڻائيندو، غربت ۽ بک جو خاتمو ٿيندو ، ٻارن کي مفت تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون وينديون عوام کي مالڪي جا حق ڏينداسين ۽ 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن لياري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو،  لياري جي 8  چوڪ، بهار ڪالوني، چيل چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ ريلي ڪڍي وئي، ان کان اڳ آصفه ڀٽو زرداري ريلي جي صورت ۾ لياري جي  ۾ داخل ٿي، هوءَ ميمڻ سوسائٽي کان ٿيندي آگره تاج تي پهتي، جتي عورتون وڏي انگ ۾ موجود هيون. ريلي ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني، خليل ھوت نبيل گبول، سليم مانڊوي والا، عثمان هنڱورو، ملڪ محمد فياض  ۽ ٻين پارٽي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول کي تير جي نشان  تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندا  ته جيئن توهان جا مسئلا حل ڪري سگهون، شهيد بينظير ڀٽو . مزدورن جي آواز هئي هوءَ لياري جي آواز هئي، بينظير هن ملڪ جي غريب مزدورن ۽ هارين جي آواز هئي، گرين بس سروس شروع ڪئي وئي، ڪراچي جي عورتن کي ٽرانسپورٽ ڏني وئي، گلابي بس ڏني وئي، واعدو ڪيو  ته 8 فيبروري تي توهان بلاول کي وزير اعظم بڻائينداسين، 8 فيبروري تي توهان کي هن ملڪ جي ترقي لاءِ ووٽ ڏيڻو آهي،  لياري ۾ بينظير ڀٽو جي ڌيءُ موجود آهي آصفه ڀٽو جو چوڻ هو ته اڄ مان عوام جو آواز بڻجي ٻاهر آئي آهيان، هن ملڪ جي ترقيءَ جو نشان تير آهي. عوام جو انتخابي نشان تير آهي جنهن ۾ بهادر، مزدور، هاري، شاگرد ۽ غريب شامل آهن، اهي 8 فيبروري تي اقتدار ۾ ايندا ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائيندا، فتح ٿيندي، پيپلز پارٽي جي فتح ٿيندي، آخر ۾ گاهه منڊي  تي ريلي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.