تربت (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي تربت مان ٽن شاگردن جي گمشدگي خلاف ايم 8 شاهراهه تي شاگردن ۽ سندن وارثن جو ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو.تربت جي علائقي هوشاپ ۽ تاجابان مان ٽن شاگردن جي گم ٿيڻ خلاف ايم 8 هاءِ وي اڄ ٻئي ڏينهن به بند رهيو. تربت ۾ ايم 8 هاءِ وي تي شاگردن جي گهرڀاتين ۽ ٻين جي ڌرڻي سبب ايم 8 تربت ڪوئيٽا هاءِ وي تي ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي، جنهن سبب مسافرن ڏکيائين کي منهن ڏنو. ٻئي پاسي ايم 8 هاءِ وي تي ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين جي انتظاميا جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.