پ پ سنڌ سميت قاسم آباد کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو اليڪشن مھم تيز، پي ايس 60 قاسم آباد تڪ جي مختلف ڳوٺن چانڊيا، پٺاڻ، بچل سومرو ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي  چيو ته  سنڌ سميت قاسم آباد کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا ته  15 سالن قاسم آباد مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم ٿي وڃي ھا. پي ايس 60 قاسم آباد جو عوام ھاڻ تبديلي چاھي ٿو. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي امن، انصاف، برابري، تعليم ۽ صحت، تعليم لاءِ ڪم ڪنداسين، بک، بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين. هن چيو ته  زرخيز زمينون، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، بندرگاھون، دنيا جي ھر شيء سنڌ وٽ آهي. ﷲ پاڪ سمورين نعمتن سان سنڌ کي نوازيو آهي. پر سنڌ جي ماڻهن کي الاھي ڪھڙي سزا ڏني وئي آهي،هن  چيو ته  ايندڙ سنڌ حڪومت جي ڊي اي ۽ سندس اتحادين جي ھوندي. جيڪي ماڻهو جي ڊي اي کي ڇڏي ويا انهن ماڻهن جي عزت وڃي ڏسو، جن پارٽين ۾ ويا اتي دروازي کولڻ، اسٽيج جي پويان بيھي فقط ٻين کي ڏاڪڻ تي چڙھڻ ڏسڻ آهي. جي ڊي اي ۾ ھنن جي عزت ھئي برابري ھئي وقار ھو. اسين سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جا محافظ آهيون. سنڌي ماڻهو تعليم، ميرٽ، روزگار ۽ سنڌ جي وسيلن لاءِ ووٽ ڏين.هن چيو ته  فھميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا کي جي ڊي اي جو نشان تارو نه  پيو ملي آئون مطالبو ٿو ڪريان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان ته  ھاءِ ڪورٽ سندن فارم بحال ڪيا آهن. ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ فوري طور نوٽيس وٺي اليڪشن ڪميشن کي چون ته  مرزا فيملي کي سندن اتحاد جي ڊي اي جو نشان تارو الاٽ ڪيو وڃي هن چيو ته  توهان وٽ ڊرينيج، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه توھان وٽ سٺو روڊ، نه  روزگار آهي گذريل پندرهن سالن ۾ قاسم آباد جي علائقي ۾ صنعتي فيڪٽري نه لڳي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.