ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ جي زمينن جي والار، ڌارين جي آبادڪاري، ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪزي چيف آرگنائيزر ثقلين سنڌي ۽ ڊپٽي چيف آرگنائيزر حيدر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 52713 ايڪڙ زمين اسٽبلشمينٽ جي حوالي ڪري سنڌين کي پنھنجي ڌرتي تي ويڳاڻو ڪيو پيو وڃي، باڊهه ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ محمد علي خشڪ جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ٽائون هال باڊهه اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي جي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بروهي، ڪامريڊ اصغر نوناري، ايڊووڪيٽ حاڪم جوڻيجو، ڪامريڊ مسلم ڍڪڻ، وحيد منگي، نور پنهور، سميع سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪامريڊ محمد علي خشڪ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي فوري طور بند ڪئي وڃي،ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو،جسقم جي الطاف چانگ،جيئي سنڌ تحريڪ جي امام بخش خاصخيلي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي قادر بخش زئور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي قومپرست ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪندي سنڌ جي زمينن تي قبضا ختم ڪريو سنڌو درياھ تي ڊيم نامنظور،وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪريو جا زوردار نعرا ھنيا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي قيمتي زمينون ورهائي انهن کي تين وال ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ تي ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه وهندو ، هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو گروپ ) طرفان سنڌ جي زمينن جي نيلامي ، غيرقانوني قبضا ڪرڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف اسٽيشن روڊ کان جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر ايوب ڪوريجو ، سليمان ٿهيم ، جسقم اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي ، مجاهد هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاج ۾ شامل اڳواڻن چيو ته سنڌ جي اندر سازش تحت سنڌ جون زمينون نيلام ڪري سنڌ جي عوام کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي،ٻئي پاسي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو، باغي فرھاد ميمڻ، امام علي ھڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کنيل ھئا جيڪي زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھڪ سازش تحت سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي سميت سامونڊي پٽي جون زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون آھن, لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي جسم ضلعي طرفان سنڌ جي زمينن تي والار، لاقانونيت، قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪري کين کنڀي گم ڪرڻ توڙي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جسم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين عزيز ﷲ ڀٽو، ذوالفقار بليدي، منير ڊومڪي، منٺار بگٽي، رزاق سرگاڻي، شوڪت مگسي ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا وسيلا وفاق جي نالي تي پنجاب حوالي ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيترائي معدني ذخيره آهن، پوءِ به انعان ڀري ورهاست سبب سنڌ جو ماڻهو بک بدحالي واري زندگي گذاري ٿو، هاڻي ته مفڪر اعظم جي سالگرهه به رياست کي ڏوهه ٿي لڳي، سائين جي ايم سيد 120 ملهائڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترن ئي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ نياڻين مٿان ڪيس ڪيا ويا آهن، جنهن عمل جي مذمت ڪجي ٿي. هنن چيو ته سنڌ جي 52 هزار کان مٿي ايڪڙ زمين فوج حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن زمين تي صرف سنڌ واسين حق آهي، دريا ۽ جبلن تي قبضو هن رياست ۾ ڪو به قانون نه آهي، جڏهن ته سنڌ جو ماڻهو بي روزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، جنهن نظام جي اسين مذمت ٿا ڪريون.