ترقي پسند صحافت جي وڏي نانءُ زلف پيرزادي جو وڇوڙو

ترقي پسند صحافت جو پيارو ڀاتي، محنتي صحافي, تجزئي نگار، ليکڪ ۽ ترقي پسند صحافت جي کاھوڙِي ڪردار روزاني عوامي آواز سان سکن، ڏکن، لاهن چاڙهن جي لمحن ۾ به مڪمل وفاداري ڪندڙ اخبار جي انقلابي ساٿي زلف پيرزادو جي اوچتي  وڇوڙي   هڪ طرف هن جي زال، ٻارن، مٽن مائٽن، ڳوٺ وارن ۽ سندس ترقي پسند نظرياتي ساٿين کي گهڻو دل اندر گھاءُ پهچايو آهي ته ٻي طرف روزاني عوامي آواز جي سموري ساٿين کي پڻ ڏک ۽ افسوس جي لمحن جي قيدخاني ۾ قيد ڪري وڌو آهي.

هن امام بخش پيرزادو جي نالي کان ڀائو زلف پيرزادو جي سڃاڻپ تائين جو جيڪو سفر ڪيو آهي، ان ۾ هن موهين جو دڙو جي هنج ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد  ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ اک کولي ته اتي کيس ڳوٺ ۽ ڀر پاسي جيڪا ترقي پسند سياست ۽ هر قسم جي آمريت خلاف هلچل هلائيندڙن جي گندرف جي خوشبوءِ کيس نظرياتي تحريڪ جو ساٿي بڻايو ۽ هو  ٻاراڻي عمر ۾ ئي پوليس جي قيد جو شڪار ٿيو، جنهن ۾ هن جي ترقي پسند فڪر جا حوصلا وڌيڪ پختا ۽ بلند ٿيا ۽ هن ترقي پسند فڪر سان گڏ جڏهن ٻلهڙيجي کان ڪراچي جو سفر ڪيو  ته کيس ترقي پسند صحافت جي وڏي نالي روزاني عوامي آواز جي سٿ جي ساٿين جي ڪشش پاڻ ڏي ڇڪي ورتو ۽ هن اداري ۾ رهندي پنهنجي مسلسل محنت ۽ جفاڪشي سان اخبار جي ڊپٽي ايڊيٽر تائين مڃتا ماڻي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين اداري ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڇنڇر ڏينهن به سڀني کان پنهنجي آخري سفر لاءِ ڪابه موڪلاڻي نه ڪئي، جو کيس پڪ هئي ته هو وري سڀاڻي اچي پنهنجو سگريٽ دکائي نئين ڏينهن جي نئين  خبرن کي اخبار ۾ سجائي وٺندو . پر بي رحم وقت جا ڪي فيصلا بنا ٻڌائڻ جي دلين ۾ گھاءُ وجهي ڇڏيندا آهن.

زلف پيرزادو جي وڇوڙي جو درد دل ۾ رکندي روزاني عوامي آواز سميت سموري صحافت ۽ ترقي پسند صحافين جا حلقا کيس ياد رکندا ايندا ۽ زلف پنهنجي زال ۽ اولاد جي دلين ۽ دماغن ۾ ترقي پسند فڪر جا جيڪي ٻج ڇٽي ويو آهي ، انهن جا سلا به کيس امر رکندا. هن جو وڇوڙو روزاني عوامي آواز جي محنتي ساٿين جي اثاثن جو وڏو نقصان آهي ۽ هر روز نيوز روم ۾ هن جي ڳالهين، تبصرن ۽ سگريٽ جي ڪشن جو خال رهندو زلف جسماني طرح ته وڇڙيو ضرور آھي پر فڪري طرح ھو تاريخ ۾ سدائين ياد رھندو.

  • ايران ۾  پاڪستاني مزدورن جو  قتل کليل دهشتگردي آهي

 

گذريل ڇنڇر واري ڏينھن تي بلوچستان جي سرحد سان لڳندڙ ايراني شھر سراوان ۾ 9 پاڪستاني مزدورن کي اڻڃاتل ھٿياربندن بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.  تفصيل مطابق اڻڃاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 9 ڄڻا قتل جڏھن ته 3 پورھيت سخت زخمي ٿي پيا آھن. ھٿياربندن جي حملي ۾ شھيد ۽ زخمي ٿيندڙ  12 ڄڻا پاڪستاني شھري آھن، جيڪي مقامي ورڪشاپ ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا، جن جو تعلق پنجاب جي شھر علي پور سان ٻڌايو پيو وڃي. اڳ ۾ مزدورن جو قتلام بلوچستان جي مخصوص علائقن ۽ شھرن ۾ ڪيو ويندو ھو، پر ھاڻ اھو سلسلو وڌندي ٻين ملڪن تائين پهچي چڪو آهي.

جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته مزدورن جو ڪنھن ڌر، قبيلي يا قوم سان ڪو تڪرار ناھي ھوندو. پورھيتن جو رڳو پنھنجي پيٽ سان ئي جھيڙو ھوندو آھي. جيڪي بک جي باھه اجھائڻ خاطر پنھنجي ٻچڙن کان دوري ۽ دربدري جو درد سھي ڏورانھين علائقن ۾ محنت مزدوري ڪري پنھنجا گھر ھلائيندا آھن. ملڪ ۾ روزگار جا وسيلا نه ھجڻ سبب پورھيت طبقو بلوچستان سميت ايران جي شھرن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آھن، ڇو ته اتي جو سفر ڏکيو ۽ اتي رھڻ دشوار ھجڻ سبب مزدوري جا موقعا وڌيڪ ھجن ٿا ۽ اتي کين ڪجھه ڏوڪڙ به وڌيڪ مليو وڃن. ياد رهي ته  مزدورن ڪڏھن به ڪنھن علائقي تي مالڪي جي دعوا ناھي ڪئي، جن کي رڳو قوميت ۽ نسلي بنيادن تي قتل ڪرڻ کلي دھشتگردي آھي، جنھن جي اسين مذمت ڪريون ٿا.

جيتوڻيڪ مزدورن جي قتل جي اڃان تائين ڪنھن به تنظيم ذميواري قبول ناھي ڪئي،  پر ڪجھه تجزئي نگارن جو خيال آھي ته سراوان واقعو ايران تي پاڪستان جو جوابي حملي يا اسلام آباد مان بلوچن جو مايوس موٽڻ واري عمل جو ردعمل به ٿي سگھي ٿو. بهرحال 12 مزدورن جو بيدردي سان قتل افسوسناڪ واقعو آھي، جنھن تي ايران سان سفارتي سطح تي سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ٻيھر اھڙا ڏکوئيندڙ واقعا پيش نه اچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.