تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايران پاڪستان جي سلامتي کي پنهنجي سلامتي سمجهي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ترقي تهران جي ترجيح آهي.
ابراهيم رئيسي اهي ڳالهيون تهران ۾ پاڪستان سفير مدثر ٽيپو سان ملاقات ۾ چيون، پاڪستان سفير ايراني صدر کي سفارتي سندون پيش ڪيون.
ان موقعي تي ايراني صدر پنهنجي ملڪ ۾ 9 پاڪستان پورهيتن جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته تهران پاڪستان سان هم آهنگي ۽ سٺي پاڙيسري تي ٻڌل پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته اسان کي پاڪستان سان بدامني پکيڙڻ بدران امن کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.
پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان تهران سان ڀائراڻن لاڳاپن جي نئين بابت جي شروعات لاءِ تيار آهي، پاڪستان دشمنن کي گڏيل سرحد مان فائدو وٺڻ جي اجازت نه ڏيندو.
You might also like