ڀارت ۾ هڪ ڪنوار ان وقت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي، جڏهن هوءَ ميٽرو بس ۾ سوار ٿي پنهنجي شادي ۾ پهتي.
اهو واقعو ڀارت جي شهر بينگلور ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڪنوار جي ميٽرو بس ۾ سوار ٿيڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار کي روايتي عروسي وڳو ۽ زيور پاتل آهن.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنوار ٽريفڪ ۾ ڦاسي پئي هئي ۽ کيس شادي تقريب ۾ پهچڻ لاءِ دير ٿي رهي هئي، جنهن تي ڪنوار ڪنهن به شئي جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي گاڏي کي ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ڇڏي پاڻ ميٽرو بس سروس ۾ ويهي رهي.
ڪنوار پنهنجي حاضر دماغي جو استعمال ڪندي وقت سر فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي شادي جي ٽائم تي پهچي وئي.
سوشل ميڊيا واهپيدار ڪنوار جي همت ۽ ان جي فيصلي کي ساراهي رهيا آهن.
You might also like