گوگل ميپس سان پيٽرول بچائڻ جو طريقو ڄاڻو ٿا؟

گوگل ميپس جو استعمال گھڻا ماڻهو پنهنجي منزل تائين پهچڻ يا رستي ۾ ٽريفڪ جي رواني ڄاڻڻ لاءِ ڪندا آهن.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته گوگل ميپس کي پيٽرول بچت لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

جي ها واقعي گوگل ميپس سان رڳو رستو ڄاڻڻ ئي ممڪن ناهي پر سفر دوران پيٽرول جي بچت لاءِ به اها سروس مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.

اهو فيچر ته ڪافي عرصي کان واهپيدارن لاءِ موجود آهي پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته تمام گهٽ ماڻهن جي ان بابت خبر آهي.

eco-friendly routing نالي اهو فيچر سفر دوران واهپيدارن کي گاڏي جو ٻارڻ بچائڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو.

اهو فيچر واهپيدارن کي پاڻ ان ايبل ڪرڻو پوندو آهي ۽ انهيءَ ڪري گھڻن ماڻهن کي ان جي خبر نه آهي.

اهو فيچر گاڏي جي انجڻ ۽ ٻين رخن کي نظر ۾ رکي ٻارڻ جي استعمال جو ڪاٿو لڳائيندو آهي.

ان سان گڏوگڏ اهو فيچر واهپيدارن کي ريئل ٽائيم ٽريفڪ، روڊ جي حالت ۽ ٻين رخن جي جاچ پڙتال ڪري بهترين رستو به تجويز ڪري ٿو، ته جيئن وقت ۽ ٻارڻ ٻنهي جي بچت ٿي سگھي.

اهو ئي سبب آهي جو ان ۾ تجويز ڪيل رستو ڪيترائي ڀيرا تيز ترين روٽ کان مختلف هوندو آهي.

جڏهن اهو فيچر ٽرن آف ٿيندو آهي ته گوگل ميپس پاران تيز ترين روٽ جي ڳولا ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي آهي جڏهن ته گاڏي يا ٻارڻ کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي.

پر ان فيچر تحت ٻارڻ جي بچت لاءِ بهترين رستن کي ساون پنن جي لوگو سان هاءِ لائيٽ ڪيو ويندو آهي.

فيچر ان ايبل ڪرڻ جو طريقو

پنهنجي فون ۾ گوگل ميپس کي کولي سيٽنگز ۾ وڃو.

سيٽنگز ۾ نيويگيشن جي آپشن جي چونڊ ڪريو ۽ اتي روٽ آپشنز تي ڪلڪ ڪريو.

روٽ آپشنز ۾ Prefer fuel-efficient routes تي ڪلڪ ڪري eco-friendly routing کي ان ايبل ڪري ڇڏيو.

ان کان پوءِ ٻئي بيج تي انجڻ ٽائيپ جي چونڊ ڪريو.

ٻارڻ جي بچت ڪيئن ڪجي؟

فيچر کي ان ايبل ڪرڻ کان پوءِ گوگل ميپس ۾ پنهنجي منزل سرچ ڪري ڊائريڪشنز تي ڪلڪ ڪريو.

ان کان پوءِشوائيپ اپ ڪري چينج انجن ٽائيپ آپشن جي ڳولا ڪريو.

گاڏي جي انجڻ جهڙوڪ پيٽرول، ڊيزل، هائبرڊ يا اليڪٽرڪ جي چونڊ ڪريو.

جيڪڏهن اوهان انجڻ ٽائيپ جو چونڊ نه ڪندا ته ايپ طرفان باءِ ڊيفالٽ پيٽرول انجڻ کي نظر ۾ رکي تفصيل فراهم ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.