پاڪستاني نوجوان ٽيلفر سوئفٽ جا گيت سڃاڻڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان بلال الياس ناليواري آمريڪي گلوڪاراق ٽيلر سوئفٽ جي گيتن جا ٻول ٻڌي انهن کي سڃاڻڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ بلال الياس جي آڏو ٽيلر سوئفٽ جي گيتن جا پهريان لفظ ورجايا ويا ۽ انهن ۾ ڪا به موسيقي نه هئي.
پاڪستاني نوجوان هڪ منٽ ۾ آمريڪي گلوڪارا جي 34 گيتن کي سڃاڻي ورتو ۽ پنهنجو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ داخل ڪرائي ورتو.
عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ بلال الياس 13 هفتن تائين تياري ڪئي ۽ هو ڏينهن رات گلوڪارا جي گيتن کي ورجائيندو رهيو.
ٽيلفر سوئفٽ واري رڪارڊ کان اڳ به پاڪستاني نوجوان ٽي عالمي رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي جن مان هڪ جانورن جا سڀ کان وڌيڪ آواز هئا جيڪي هڪ منٽ ۾ سڃاتا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.