آءِ سي سي سريلنڪا جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) فوري طور تي سريلنڪا ڪرڪيٽ جي معطلي ختم ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي گذريل سال نومبر ۾ آءِ سي سي ميمبر طور ڀڃڪڙي تي سريلنڪا ڪرڪيٽ کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
آءِ سي سي سريلنڪا ڪرڪيٽ کي حڪومتي مداخلت تي معطل ڪيو هو، آءِ سي سي معطلي کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺي پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪا ڪرڪيٽ آءِ سي سي کي حڪومتي مداخلت نه هجڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
واضح رهي ته آءِ سي س ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي سريلنڪا جي راندين واري وزير روشن رانا سنگهي ڪرڪيٽ بورڊ کي فارغ ڪري ڇڏيو هو، ٻڌايو ويو هو ته راندين واري وزير جا ڪرپشن الزامن تي بورڊ سان لاڳاپا خراب هئا.
پوءِ اڳوڻي ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا کي ذميواري ڏني وئي ۽ کيس چيئرمين به مقرر ڪيو ويو هو.
پر ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي صدر شمي سلوا راندين واري وزارت جي فيصلي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ اپيل ڪورٽ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي فارغ ڪرڻ کانپوءِ عبوري ڪميٽي قائم ڪرڻ تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.