فلمن ۾ ڪم نه مليو ته روڊن تي اداڪاري ڪندس: نوازالدين صديقي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي چيو اهي ته جيڪڏن هن کي مستقبل ۾ فلمن ۾ ڪم نه مليو ته هو روڊن، ٽرين يا بسن ۾ اداڪاري ڪندو ڇو جو سندس لاءِ اداڪاري اهم آهي.
اداڪار پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ مون وٽ ڪم نه هوندو ته مون وٽ ايتري طاقت نه آهي جو ڪنهن کان وڃي ڪم گھري سگھان، آئون ڪنهن کي به اهو نٿو چئي سگھان ته مون کي فلمن ۾ ڪم ڏيو.
هن چيو ته جيڪڏهن مون کي فلمن ۾ ڪم نه مليو ته آئون پنهنجو گھر، پنهنجا جوتا ۽ سڀ ڪجهه کپائي پاڻ فلم بڻائيندس ۽ مون کي پاڻ تي ايترو يقين آهي ته آئون فلم بڻائي سگھان ٿو.
سندس چوڻ هو ته مون لاءِ اداڪاري اهم آهي پر رڳو فلمن نه پر آئون ڪم نه هجڻ جي صورت ۾ روڊن، ٽرين يا بسن ۾ اداڪاري ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.