سادي پيٽروليم جيليءَ جا سياري ۾ جسم لاءِ حيران ڪندڙ فائدا

پيٽروليم جيلي جو استعمال سڄي دنيا ۾ سالن کان کَلَ جي خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

پر ظاهري طور تي اها عام نظر ايندڙ شيءِ ايتري ڪم جي هوندي آهي جو اوهان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو.

اها بنيادي طور تي منرلز، تيلن ۽ موم مان ٺهيل آهي.

ان کي 1859ع م دريافت ڪيو ويو هو ۽ تڏهن کان ان ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي.

ان جا ڪجه فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

زخم ڀرڻ ۾ مدد ملندي آهي

پيٽروليم جيلي کي ڏيڍ سئو سالن کان سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ تڏهن کان ئي کل جي مرضن جي ماهرن جي فيورٽ آهي.

ان جو سببب اِهو آهي جو اها کل ۾ ۾ پاڻيءَ کي هڪ هنڌ رکندي آهي.

اهو زخمن لاءِ سٺو هوندو آهي ڇو جو انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گھم جي ضرورت هوندي آهي ۽ زخم ٻيڻ تي تيزي سان ختم ڪندو آهي.

پيٽروليم جيلي سان زخمن جي ڳاڙهاڻ به گھٽبي آهي ۽ انفيڪشن جو خطرو گھٽ هوندو آهي، جڏهن ته ان کي لڳائڻ سان ساڙو به ناهي ٿيندو.

پر جيڪڏهن سِج جي گرمائش سان کل سڙي وئي آهي ته پوءِ ان کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريو.

خارش جي شدت ۾ گھٽتائي

جيڪڏهن کل گھڻي خشڪ ٿي وڃي ته پوءِ ڦاٽي پوندي آهي ۽ بيڪٽيريا وڌڻ لڳندا آهن.

پيٽروليم جيلي سان کل کي فائدو ٿيندو آهي ۽ دوائن کان وڌيڪ ڪم ڪندي آهي.

ان جي استعمال سان سوڄ گھٽبي آهي جڏهن کل جي گھم برقرار رهندي آهي جنهن سان خارش گھٽجي ويندي آهي.

جوئن جو خاتمو

جي ها واقعي پيٽروليم جيلي سان مٿي جي جوئن جو خاتمو به ٿيندو آهي.

تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته پيٽروليم جيلي جوئن کي ماريندي آهي پر جوئن جي بيضن تي ڪي به اثر ناهن پوندا.

ڦلوڪڻن جي روڪٿام

جيڪڏهن ڀڄڻ يا گھڻو پنڌ ڪرڻ جو ارادو آهي ته پيرن ۽ کُڙين تي پيٽروليم جيلي لڳايو.

ائين ڪرڻ سان ڦلوڪڻن کان بچڻ ۾ مدد ملندي.

ڊائيپر سبب ٿيندڙ داڻن يا خارش جو علاج

پيٽروليم جيلي سان کل کي ٻاهرين شين کان تحفظ ملندو آهي.

ٻار جيڪڏهن ڊائيپر جي استعمال سان ريشز کي منهن ڏئي رهيا آهن ته پيٽروليم جيلي جو استعمال ڪريو.

ماهرن موجب پيٽروليم جيلي ان مسئلي جي روڪٿام لاءِ سستو ۽ اثرائتو طريقو آهي.

کل کي ٿڌ جي اثرن کان تحفظ

پيٽروليم جيلي سان کل کي ٿڌي موسم ۽ هوا جي هاڃيڪار اثرن کان تحفظ فراهم ڪري سگھجي ٿو.

ٿڌي موسم ۾ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ان کي کل تي لڳايو، جيڪڏهن نڪ وهي رهيو آهي ته نڪ جي هيٺان معمولي مقدار ۾ پيٽروليم جيلي لڳايو.

اکين جي گھم بحال ڪري ٿي

اسان جي اکين جي چوڌاري کل تمام سنهڙي هوندي آهي ۽ انهيءَ ڪري کَل خشڪ به ٿي ويندي آهي.

پيٽروليم جيلي جي استعمال سان اکين جي گھم برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر اکين جي اندر لڳائڻ کان پاسو ڪريو.

ننهن لاءِ به فائديمند

پيٽروليم جيلي ننهن لاءِ به فائديمند آهي.

جيڪڏهن ننهن ڪمزور يا ڀُري رهيا آهن ته انهن تي پيٽروليم جيلي لڳائڻ سان ان مسئلي کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

وارن جي چمڪ بحال ڪري ٿي

سج جي روشني ۽ هوا سميت ناقص معيار جي پاڻي سان وار خشڪ ۽ بي جان ٿي ويندا آهن.

پيٽروليم جيلي جي استعمال سان وارن جي چمڪ بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ان مقصد لاءِ پيٽروليم جيلي جي ٿوري مقدار کي وارن ۾ لڳايو.

پرفيوم جي خوشبوءِ دير تائين برقرار رکندي آهي

پيٽروليم جيلي جو ڪجهه مقدار هٿ جي ڪارائي، ڳچي يا نبض تي لڳائي پرفيوم جو استعمال ڪريو.

پيٽروليم جيلي جو سڻڀ خوشبوءِ کي وڌيڪ وقت تائين برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.