زرداري مافيا سنڌ کي موهن جي دڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو: صدرالدين شاهه راشدي

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته زرداري مافيا 15 سال سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ کي موئن جي دڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
راڻيپور ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي صدرالدين شاهه راشدي جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا ڪيل ڪوڙا واعدا 15 سالن تائين پورا ناهن ٿي سگھيا سنڌ جي عوام کي رستن، صحت سميت ٻين سهولتن کان محروم رکي هن ڀيري به ڪوڙا ڏٽا ڏئي ووٽ وٺي رهي آهي پر هاڻي عوام هوشيار ٿي هنن کان حساب وٺي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت فيصلي ڪرڻ جو وقت اچي ويو ته عوام جو رت چوسيندڙ ڪرپٽ ٽولي کي 8 فيبروري تي ستاري تي ٽپو هڻي جواب ڏنو وڃي.
هن چيو ته زرداري مافيا ڪرپشن راڄ قائم ڪري سنڌ جا ادارا تباھ ڪري ڇڏيا عوام کان بنياد حق کسي کين پنڻ تي مجبور ڪيو، زرداري مافيا سنڌ لاءِ سامراج آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.