سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته توهان جي ووٽ جي پرچي ئي مستقبل جي ٽڪيٽ آهي.
سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڀلي ڪو پنهنجي مقابلي جو نظر اچي يا نه اچي، 8 فيبروري تي نواز شريف جو ڪو ووٽر گهر نه ويهي.
هن چيو ته ووٽ رڳو پرچي ناهي هوندو، اهو توهان جو مستقبل هوندو آهي، ووٽ قوم جي تقدير جو فيصلو آهي، سوچي سمجهي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
سندس چوڻ هو ته شينهن جي نشان تي جيترا ٺپا لڳندا، ترقي ايتري تيز ٿيندي.
You might also like