نوازشريف ڀلي مون سان گمبٽ ۾ مناظرو ڪري:بلاول

پشاور ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪالهه جنهن ڀٽو جي نياڻي تي ڪيس ٺاهيا، سندس پنهنجي ڌيءَ سان به ائين ئي ٿيو، مخالفن جي نياڻين کي جيلن ۾ نه وجهندس، اڄ جيڪو ڪجهه اوهان  ڪري رهيا آهيو سڀاڻي اوهان سان به ٿيندو. پشاور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي غريبن، پٺتي پيل طبقي جي اڪيلي جماعت آهي، اسان اهڙيون مفت ۽ معياري استالون قائم ڪنداسين جتي پئسي جي پريشاني نه هوندي جتي هر مريض جو مفت علاج ڪيو ويندو ۽ اِهو ڪم مون سنڌ ۾ ڪري ڏيکاريو آهي جتي دوا، چيڪ اپ، علاج سڀ ڪجهه مفت ۾ ٿي رهيو آهي. بلاول چيو ته هو پيپلز پارٽي جي جيالن جي ڪري اليڪشن وڙهي رهيو آهي، ملڪ جي ڪنڊ، ڪنڊ ۾ چونڊ مهم هلائي رهيا آهيون، ٻيا به هلائي رهيا آهن پر فرق ايترو آهي ته اسان گهٻرايل ناهيون. هن چيو ته هو نفرت، ورهائڻ ۽ انتقام واري سياست نه ڪندو، سياسي مخالفن جي نياڻين ۽ ڀينرن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ نه وجهندس، سياسي مخالف ڪن کولي ٻڌن اڄ جيڪو ڪجهه هو ڪري رهيا آهن اِهو سڀاڻي انهن سان به ٿيندو. بلاول چيو ته بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري تي جعلي ڪيس ٺاهيا ويا ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، چيو ويو ته عورت جي حڪمراني نامنظور، پوءِ پنهنجي اکين سان ڏٺو ته انهن سان به اِهو ئي ٿيو جيڪو انهن ڪيو. هن چيو ته اسان خان صاحب کي به چيوته انتقام واري سياست نه ڪيو ۽ هر ڪنهن تي چور چور جو الزام نه لڳايو ۽ اڄ پاڻ عمران خان تي چور جو الزام لڳي ويو، هو چوندو هو ته سڀني کي جيل ۾ وجهندس اڄ پاڻ جيل ۾ آهي، چوندو هو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس اڄ ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.