اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته جج، جيوري ۽ پراسيڪيوشن سڀ هڪ آهن، ميچ فڪس آهي، نجم سيٺي چيو آهي ته پنج فيبروري کان اڳ مون کي سزا ٿي ويندي، سڀني کي خبر آهي کيس ڄاڻ ڪٿان ملي؟ عدالت کائنس پڇاڻو ڪري.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غيررسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته بدترين ڪريڪ ڊائون سبب عوام جو آزادي سان رهڻ جو بنيادي حق متاثر ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، وڪيل الڪيشن وڙهي رهيا آهن انڪري عدالت ۾ پيش ناهن ٿي سگهيا، اسان ڪيس پوري طرح وڙهنداسين، هن جو چوڻ هو ته سندس روانو بنيادن تي ٽرائل هلي رهيو آهي ۽ نواز شريف کي رليف ملي رهيو آهي، ليول پليئنگ فيلڊ بابت سڀ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، نواز شريف جي هڪ ئي اميد آهي ته کيس ويگو گاڏي وارا چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائين، عوام ته نواز شريف کي کٽڻ نه ڏيندو.هن چيو ته ويگو گاڏي جو ڪمال آهي ان سافٽ ويئر اَپ ڊيٽ ڪري ڪي پي ڪي ۾ ٻه پارٽيون ٺاهي ڇڏيون.صحافي سوال ڪيو ته اوهان سمورن معاملن جي حل لاءِ صدر سان ڇو نه ٿا ڳالهايو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته صدر جي ٻڌي ڪير ٿو؟ .