فرشتن يا خلائي مخلوق ووٽ وڌا ته چونڊ نتيجا تبديل ٿي سگهن ٿا:اختر مينگل

قلات (رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت مون کي اسيمبليءَ ۾ ڇڏي ڏي ته منهنجون اهي ئي ڳالهيون هونديون، مان اسيمبلي ۾ هجان يا ڪنهن چوڪ تي يا جلسن ۾ مان قلات ۾ پنهنجي لاءِ ووٽ گهرڻ نه آيو آهيان.
قلات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان صوبائي اسيمبلي جي اميدوار مير قادر بخش مينگل لاءِ ووٽ گهرڻ آيو آهيان،جيڪڏهن چونڊون شفاف ٿيون ته بلوچستان ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي،جيڪڏهن پسند نا پسند ٿي ته بي اين پي کي زبردستي هارايو ويندو.
هن چيو ته جيڪڏهن فرشتن يا خلائي مخلوق ووٽ وڌا ته چونڊ نتيجا ڪجهه به ٿي سگهن ٿا بي اين پي کان علاوه ٻيون قومپرست پارٽيون اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.نيشنل پارٽي بلوچستان جو نالو نه وٺي رهي آهي ته جيئن اسٽيبلشمينٽ ناراض نه ٿئي، بلوچستان ۾ ڀٽو دور ۾ به فوج ڪشي ٿي، بلوچستان جي عوام انهن ظلمن کي نه وساريو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.