عوام پ پ وارن کان سخت پڇاڻو ڪري رهيو آهي:ارباب رحيم

مٺي/چيلهار(غازي بجير/الهڏنو بجير/شنڪر باغي) ٿر جي اين اي 215 تي بيٺل جي ڊي اي جي اُميدوار ارباب غلام رحيم پنهنجي تڪ ۾ چونڊ سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن،گذريل رات اسلام ڪوٽ شهر ۾ ڪنڀار پاڙي ۾ رکيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي،جتي بچل ڪنڀار برادري سميت پ پ کي الوداع چئي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ميگهواڙ پاڙي ۾ رائمل ميگهواڙ ۽ خاصخيلي پاڙي ۾ غلام مصطفىٰ خاصخيلي پ پ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ارباب غلام رحيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن دفعي ٿر ۾ اليڪشن جو ماحول اسان جي حق ۾ آهي،ماڻهو ڌڙا ڌڙ پ پ ڇڏي اسان جي قافلي ۾ شامل ٿي رهيا آهن،پيپلن 15 سالن جي اقتتدار ۾ رُڳو منشيات کپائڻ جو ڪم ڪيو آهي،ٿر ۾ جيڪي مون روڊ رستا ٺهرايا پ پ وارن اُنهن تي پوچو ڪري ڪرپشن ڪئي،اسان جي ڪمن تختيون لڳائي مال ميڙيو آهي،هاڻي ٿر جو عوام سجاڳ ٿي چُڪو آهي،ماڻهو پ پ اُميدوارن کي ورڪن تي اچڻ نه ٿا ڏين،عوام پ پ وارن کان سخت پڇاڻو ڪري رهيو آهي.
ٻي پاسي چيلھار ۾ علي خان عمراڻي ۽ شيرخان کوسي برادري سميت پاڪستان پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري مٺي ارباب ھائوس پهچي جي ڊي اي جي اڳواڻ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ملاقات ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.