اليڪشن کان اڳ عمران خان جي آزاد ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي: منطور وساڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ پي ٽي آءِ باني جو جيل مان آزاد ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي.
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ جي حڪومت ٺهي به ته مدو پورو پورو نه ڪري سگهندي.
منظور وساڻ چيو ته جهانگير ترين سپورٽ وٺڻ لاِءِ نواز شريف جي سائيڊ وٺي رهيو آهي. جهانگير ترين پهريان ته اليڪشن کٽي ته صحيح پوءِ ڏسنداسين.
پي ٽي آءِ باني بابت پ پ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن ڪو چاهيندو تڏهن به پي ٽي آءِ باني کي جيل مان آزاد نٿو ڪرائي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.