ڪراچي( ع آ نيوز) موسمياتي تبديليون فصلن تي اثرانداز ٿيڻ لڳيون، برساتون نه سبب ڪڻڪ پوکائي متاثر ٿي آهي، جنهن جي ڪري خوراڪ جي کوٽ جو خدشو ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب پوکائي متاثر ٿي آهي ۽ پوکيل ڪڻڪ به سوڪهڙي جو شڪار ٿيو آهي.
راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چکوال جي علائقن ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي. پوٺوهار واري علائقي ۾ گذريل ٻن مهينن کان برسات نه پوڻ سبب ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
ملڪ ۾ ڪڻڪ جو ٽيون حصو برساتي علائقن ۾ پوکيو ويندو آهي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ذريعن موجب انهن علائقن ۾ ڪئنال سسٽم جي خرابي سبب برساتي پاڻي جي سخت ضرورت آهي. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي.
دادو جوهي ۾ پاڻي نه ملي سگهيو. ڪاري موري نه ٺهڻ سبب ڪي اين شاهه ۽ جوهي تعلقن ۾ پاڻي نه مليو،ٻين علائقن ۾ به سوڪهڙي سبب پيدوار گهٽجڻ جو خدشو آهي.
You might also like