پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳجها رابطا، سهڪار تي اتفاق

لاهور (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ۾ رابطا شروع ٿي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي سان سهڪار تي اتفاق به ٿي ويو آهي، ڳجهه ڳوهه ۾ ٿيندڙ رابطن جون خبرون آهستي آهستي ٻاهر اچڻ شروع ٿي ويون آهن.
صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته جنهن تڪ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار ڪمزور هوندو اتي پي ٽي آءِ وارا پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏيندا ۽ ان کي ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا.
ابتدائي طور ٻنهي پارٽين ۾ ان تي اتفاق ٿي ويوآهي. ڇو ته پي ٽي آءِ وارا ن ليگ جي نفرت ۾ پيپلز پارٽي کي اهميت ڏئي رهيا آهن، ٻنهي پارٽين ۾چونڊن کان پوءِ به هڪ ٻئي سان سهڪار تي ڳجهه ڳوهه ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو بلاول ڀٽو زرداري وڏي اعتماد سان دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ن ليگ هن ڀيري مخالف ڌر ۾ ويهندي، ڇو ته آصف علي زرداري وڏو کيڏاري آهي ۽ هو اهڙن اميد وارن سان به رابطي ۾ آهي جن جي ڪامياب ٿيڻ جي کيس پڪ آهي، ان ڪري هي اڻ اعلانيل نئون اتحاد مستقبل جي سياست ۾ وڏو ڀونچال آڻي سگهي ٿو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 26 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.