ملڪ وڪڻڻ يا ٽوڙڻ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ آرمي چيف

اسلام آباد(م ڊ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو.اسلام آباد ۾ ” پاڪستان نيشنل يوٿ ڪانفرنس “ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي  مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن کي ڏسي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان کي ٺاهڻ جو مقصد اِهو هو ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ کان هندن کان مختلف آهي.آرمي چيف چيو ته نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت، تهذيت، تمدن ۽ پنهنجو پاڻ تي اعتماد هجڻ گهرجي، پاڪستان جي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن،نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي ساڀيان جا امين آهن،سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف ته پاڪستان جون فوجون وڙهي سگهن ٿيون پر دهشتگردي خلاف پوري قوم جو سهڪار ضروري آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي، سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد بي يقيني، ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي،آرمي چيف چيو ته تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو ڏڦيڙن جو شڪار رهندو آهي، الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته ” اي ايمان وارئو! جيڪڏهن ڪو فاسق اوهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تحقيق ڪري وٺو“ .هن وڌيڪ چيو ته مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آساني ۾ الله جو شڪر ادا ڪندو آهي، اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان ناهي ته اسان ڪجهه به نه آهيون، پنهنجي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين.جڏهن ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دهشتگردي خلاف جنگ۾ نوجوانن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جڏهن نوجوان دشمنن جي پکيڙيل پروپيگنڊا کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪيل مستند معلومات تي ڀاڙيندا ته ان چئلينج تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان جي ذميوار شهري هئڻ جي ناتي اسان کي پاڪستان خلاف تازو ئي پاڪستان جي دشمنن پاران پکيڙيل پروپيگنڊا جهڙن قدمن کي رد ڪرڻ گهرجي،

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ وڪڻڻ يا ٽوڙڻ جي ڪنهن کي اجازت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي، بي اعتمادي رٿ جمهوري نظام  جو حصو  آهي. نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي اٽڪل 25000 شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ پارليامينٽ مان ٻاهر اچي روڊن تي گوڙ ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. آرمي چيف هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته آرمي چيف هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته سياسي پارٽين توڙي ادارن ۾ برا ۽ِ ڀلا ماڻهون هوندا آهن، نوجوانن کي ووٽ جو استعمال سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته اهڙي آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي ته جيڪا حڪومت بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي ان کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. صحافي نور الله جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کان اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ  جنرل نديم انجم لاهور ۾ شاگردن سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي ۽ سوالن جا جواب ڏنا. هن وقت اسٽيبلشمينٽ سربراهن جون سرگرميون ان طرف اشارو آهي ته سياسي پارٽيون سماج ۽ خاص طور نو جوانن مان ناڪاري سوچ ۽ ڪاوڙ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ  سربراهن کي ميدان ۾ اچڻو پيو آهي، آرمي چيف سوشل ميڊيا بابت چيو ته اصل ۾ ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هر خبر جي پهرين باقاعده تصديق ڪرڻ گهرجي، اسان اظهار راءِ جا مخالف نه آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.