پ پ جو ووٽر تير سميت ميدان ۾ ئي رهندو

تحرير: سڪندر چنو

زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ ميدان ڇڏي گدڙ جيان ڀڄڻ نه گهرجي. ڪجهه به ٿي پوي مخالف مشڪلاتن جا جبل رستي ۾ ڇو نه بيهارين. پر سستي ۽ ڪاهلي کان هٽي ڪري ميدان ۾ جوان مرد سان بيهي مقابلي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ميدان مان مرد ڀڄي وڃي ته پوءِ مرد کي عورت جون چوڙيون پائڻ ئي بهتر لڳندو آ. جيل ۾ سختيون به مردن لاءِ آهن. ميدان ۾ مشڪلاتن ۾ ڄمي مقابلي ڪرڻ سان مرد جي شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ٿيندي ڏٺو آهي. ڪافي مردن کي حالتن کان خوف زده ٿيندي ڏٺو آهي. ۽ اهي اڳتي قدم وڌائڻ بدران پوئتي هٽڻ جي پاليسي تي عمل ڀيرا ٿيندي ڏٺو آهي.

اسين آزاد قوم ته آهيون پر پنهنجن ادارن کي قانون ۽ انصاف سان هلائڻ جو اڄ تائين ڍنگ نه سکيو آ. ڪنهن به معاشري يا داري ۾ تباهي جي شروعات مٿي کان ٿيندي آ. پر وري اسين سوچيندا آهيون ته وڻ تي هميشه هيٺيان کان مٿي چڙهبو آهي. مٿان کان هرگز نه، ته پوءِ خرابي هيٺان کان نٿي ٿئي؟ وري ٻي ڳالهه آهي ته ادارن کي مٿان کان تباهه ڪيو ويو آهي. مٿيون صاحب ڪرپشن نه ڪندو ته پوءِ هيٺيون ڪيئن ڪندو؟ حڪمرانن جا هميشه رنگ تبديل ٿيندا رهيا آهن. سندن ڍنگ ساڳيو هوندو آ. نو آبادياتي نظام کان به اڄ وڌيڪ ظلم آهي. سڀ ماڻهو به ميدان هوندي مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. نا انصافيون وڌڻ کان پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري غلاميءَ جا زنجير پائي ڇڏيندا آهيون. ان لاءِ ته پاڪستان جا قابل ۽ اعليٰ تعليم يافته نوجوان ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن. هي ملڪ غريب لاءِ ناهي. اڄ جو غريب به غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. حڪمران طبقي جي برادرين ۾ گنج اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

موجوده ملڪي حالتن ۾ تحريڪ انصاف کي ته ٽوڙي مروڙي اولڙ گاهه بڻايو ويو آهي. پر موجوده حالت ۾ پ پ ميدان ۾ جوان مرديءَ سان بيٺل آهي ۽ پ پ جي ووٽرن اهيو فيصلو ڪيو آهي ته توڙي جو ملڪ ۾ هڪ ئي لاڏلو آهي نواز شريف ۽ پاڻي هڪ طرف هلي رهيو آهي پر پوءِ به آخري دم تائين ميدان ۾ تير سميت ڄمي مقابلو ڪرڻو آهي. ۽ تير سان مخالفن کي ڀڄايو ويندو ۽ هن بدلجندڙ سياسي ماحول ۾ رت کي گرم ئي ڪري رکڻو آ. سجاول جي تڪ تي علي حسن زرداري، لاڙڪاڻي جي تڪن تي عادل الطاف حسين انڙ، عدنان الطاف حسين انڙ، نظير احمد ٻگهيو، سهيل انور سيال ۽ جميل احمد سومرو جي ووٽرن ميدان ۾ ڄمي مقابلي سان بيٺل آهن. ۽ ووٽرن جو وچن آهي ته مخالفن کي ميدان مان ڊوڙائي پوءِ دم پٽينداسين. بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو. ٻاهرين ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪندا. ملڪ ۾ نوان منصوبا شروع ٿيندا . ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ زيرو هوندو. ڳوٺن ۽ شهرن کي بهتر بجلي سپلاءِ ملندي.

پ پ تعلقه ڏوڪري جي صدر منير احمد سوهو ۽ پ پ تعلقه باقراڻي جي صدر طارق انور سيال عوامي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اهيو ضرور چيو ته عمران خان کي 2018 ۾ موقعو ڏنو ويو ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري به وزارت عظميٰ لاءِ نئون آهي. ان کي هڪ ڀيرو موقعو ڏنو وڃي. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿئي ٿو ته پوءِ ملڪ ۾ 100 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ سيڙپ ڪاري ٿيندي ۽ ملڪ خوشحال ٿيندي معاشي طور پاڻ ڀرو ٿي ويندو. ان لاءِ اهيو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ اليڪشن ميدان ۾ پ پ جو ووٽرز ميدان ۾ تير سميت موجود هوندو. ۽ تير تي ٺپو هڻي آصف علي زرداري کي سرپرائيز ڏيندو. ۽ غريب کي ڪنهن ڌاڙيل هٿان بيگناهه مرڻو نه پوندو ۽ غريبن ۾ وڏي خوشحالي ايندي.

موجوده ملڪي حالتن ۾ تحريڪ انصاف کي ته ٽوڙي مروڙي اولڙ گاهه بڻايو ويو آهي. پر موجوده حالت ۾ پ پ ميدان ۾ جوان مرديءَ سان بيٺل آهي ۽ پ پ جي ووٽرن اهيو فيصلو ڪيو آهي ته توڙي جو ملڪ ۾ هڪ ئي لاڏلو آهي نواز شريف ۽ پاڻي هڪ طرف هلي رهيو آهي پر پوءِ به آخري دم تائين ميدان ۾ تير سميت ڄمي مقابلو ڪرڻو آهي. ۽ تير سان مخالفن کي ڀڄايو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.