ڪراچي/ملير ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو+جميل چانڊيو ) ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي وائرليس گيٽ وٽ هڪ فليٽ ۾ رهندڙ شخص پنهنجي زال ۽ 3 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب زال، مڙس ۽ 3 ٻارن جا لاش وائرليس گيٽ شاهراهه فيصل تي ايئرپورٽ جي ڀرسان واقع فلڪ ناز اپارٽمينٽ جي ڇھين منزل ھڪ فليٽ مان مليا آهن. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري جاء تي پھچي وئي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني. پوليس ٻڌايو ته عورت ۽ ٽن ٻارن جا لاش فرش تي هئا، جڏهن ته مڙس جو لاش پکي سان لٽڪيل مليو آهي. گھر جي سربراھ مقتول احسن رضا رضوي پنهنجي زال ۽ 3 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ذبح ڪيو.پوليس موجب ڪرائيم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو آهي. شاهديون حاصل ڪرڻ کان پوءِ لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويندا. پاڙي جي رهواسين موجب مقتول احسن رضا رضوي نوڪري مان ڪڍڻ کان پوءِ تمام گهڻو پريشان هو. ٻئي طرف لاشن ڀرسان احسن رضا رضوي جو مبينه خط مليو آهي. جنهن ۾ احسن رضا رضوي زال ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ظاهر ڪيل خط ۾ احسن قتل کان پوءِ آپگهات ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. ايس ايس پي ملير طارق الاھي مستوئي واقع واري جاء تي پھچي ويو, ايس ايس پي ملير موجب احسن رضا رضوي پنهنجي زال ندا احسن رضا رضوي ۽ 3 ٻارن جبرائيل، ميڪائيل ۽ ٻارڙي ام ھاني کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ احسن رضا رضوي گارمينٽس جو ڪاروبار ڪندو هو. 3 کان 4 مهينا اڳ مقتول کي ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو هو. قتل ٿيل ٻارن جون عمرون 3 کان 7 سالن جي وچ ۾ آهن.۽ لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاء جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ جي اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي. ايس ايس پي ملير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻارن جي لاشن تي تيز ڌار واري شيءُ جا نشان به موجود آهن. فليٽ مان ھڪ تحرير خط به مليو آهي جنهن ۾ ھڪ ليپ ٽاپ جو ذڪر ھو, پوليس ليپ ٽاپ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ۽ ڪرائم سين يونٽ عملي شاھديون گڏي ڪري ورتون آهن, پاڙيسرن جو چوڻ آهي ته احسن ڪافي عرصي کان بي روزگاري ۽ مھنگائي مان سخت پريشان ھو. ٻئٔي پاسي ڪراچي ۾ زال ۽ ٽن ٻارڙن کي قتل ڪري خودڪشي ڪرڻ کان اڳ احسن رضا رضوي لکيو آهي ته منھنجا ٻار , زال شھيد آهن, انهن کي ناھي خبر ته مان ڇا ڪرڻ پيو وڃان. فوتي لکيو آهي ته لو يو ابو, امي , باجي ۽ ٻيا مائٽن کي الله حافظ , سوري سميع مون وٽ ٻيو ڪو رستو ناھي.
احسن رضا گهرو مسئلن سبب پريشان هو: ايس ايس پي
ملير: ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي تحويل ۾ ورتو ۽ جناح اسپتال منتقل ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي ملير صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته احسن رضا رضوي نالي شخص ذاتي پريشانين کان تنگ اچي پنهنجي گهرواري ندا رضوي ۽ ٽن ٻارڙن جبرائيل، ميڪائيل ۽ ڌيءَ اُمه هاني کي قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جنهن بعد ضروري ڪارروائي ڪري لاشن کي تحويل ۾ وٺي ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته احسن رضا نالي شخص گارمينٽس جو ڪم ڪندو هو پر گذريل ڪجهه عرصي کان ڪاروبار بند هجڻ ۽ ذاتي پريشاني سبب پنهنجي گهرواري ۽ ٽن ٻارڙن کي تيز ڌار ڇُري سان قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، احسن رضا نالي شخص جي فليٽ مان هڪ تحريري خط پڻ مليو آهي جڏهن ته هڪ ليپ ٽاپ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي جيڪو پوليس جي تحويل ۾ آهي، واقعي بابت وڌيڪ ڪرائيم سين يونٽ جو عملو شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي جنهن جي لاءِ وڌيڪ تفصيل بعد ۾ ٻڌائي ويندي.
هن آپگهات جو ڪير ذميوار آهي؟ ظفر عباس
ڪراچي(م ڊ) سماجي اڳواڻ سيد ظفر عباس چيو آهي ته ڪراچي شاهراهه فيصل ۾ فليٽ ۾ ٿيل خودڪشي جي خبر سان ڪنهن تي ڪو به اثر نه پوندو، سوچڻ واري ڳالهه اها آهي ته 70 سيڪڙو ماڻهو پريشاني جو شڪار آهن ته گهر جو ڪرايو نٿا ڏئي سگهون، مالڪ مڪان ڌڪا ڏئي رهيا آهن، ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي ڇڏيو آهي،هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته هزارين درخواستون اسان وٽ اچي رهيا آهيون، هن چيو ته 60 هزار يا 70 هزار رپيا ڪمائيندڙ شخص پريشان آهي، 40 هزارن تائين بجلي بل، گئس نه اچڻ باوجود بل 15 هزار رپيا تائين اچي ٿو،اڃا مان راشن جي ڳالهه نه ڪئي آهي اهو ڪٿان گذارو ڪندو؟ قيامت خيز واقعو ٿيو آهي، هڪ شخص پنهنجي کيرپياڪ ٻارن کي بک جي خوف کان کير ۾ زهر ڏئي ذبح ڪيو، هو گهر جو ڪرايو نه پيو ڏئي سگهي، پاڙيسري وارا چون پيا ته ٻارن جي بک جي ڪري گهر ۾ جهيڙا ٿيندا هئا، ٻه سال پهرين اهو ئي اٽو 300 رپين ۾ 10 ڪلو ملندو هو اڄ 1800 رپين ۾ 10 ڪلو ملي ٿو، ڪٿان کان بجيٽ ٺهندي، تيل 155 رپيا وارو 700 رپيا ،800 رپيا ليٽر ملي رهيو آهي،90 رپيا ليٽر پيٽرول اڄ 300 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪير ڳالهائيندو؟جيڪي چون ٿا ته مهانگائي ناهي ريسٽورنٽ هوٽل ڀريل آهن مان انهن کي چوان ٿو ته هوٽل اهڙن ماڻهن سان ڀريل آهن جن وٽ پئسو آهي، هڪ مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس وارو ڪٿان هوٽل ايندو؟ مان ڪڏهن کان چئي رهيو آهيان ته حڪومت ڪا گرانٽ ته ڏئي جنهن سان غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ راشن ته ملي وڃي، ان آپگهات جو ذميوار ڪير آهي؟ 80 سيڪڙو پاڪستانين لاءِ ڪو سوچي، اهي ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيندا،
ڊپريشن جي مريض کي جلد نفسياتي ماهر وٽ وڃڻ گهرجي: ڊاڪٽر اجمل مغل
ڪراچي(رپورٽر) ناليواري نفسياتي ماهر ڊاڪٽر اجمل مغل چيو آهي ته پرنٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا۽ سوشل ميڊيا تي عام طور تي اهو هلندو آهي ته مهانگائي، غربت، بيروزگاري، سماجي مسئلن سبب ماڻهو آپگهات ڪن ٿا، پر اسان ڪائونٽر ۾ اهو چئون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن پر ڇا انهن ۾ اهي سڀ آپگهات ڪن ٿا؟ روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايئن بلڪل به ناهي، انهن مسئلن جي ڪري واقعي به ڪجهه ماڻهو آپگهات ڪن ٿا ان قسم جا ماڻهو شديد ڊپريشن جو شڪار هوندا آهن، غربت هڪ حقيقت آهي، دنيا ۾ آمريڪا، يورپ، جاپان، ڪئناڊا جهڙن سڌريل ملڪن ۾ به آپگهات جا واقعا ٿين ٿا، هڪ عالمگير سروي ۾ آيل آهي ته دنيا ۾ هر 40 سيڪنڊن ۾ آپگهات جا واقعا ٿين ٿا، ٿر ۾ آپگهات جي واقعن تي اسان ڊاڪٽر هارون سان گڏجي سروي ڪئي اتي به اهو ئي ريشو مليو، 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جا مريض هوندا آهن، هن چيو ته ڊپريشن جو شڪار مريضن کي آپگهات ڪرڻ کان روڪڻ تي اسان روڪي سگهون ٿا، ان ۾ سائيڪو ٿرافي، ڪيميڪل ٿرافي ۽ ميڊيڪل ٿرافي ذريعي ماڻهن جي جان بچائي سگهجي ٿي، پر شرط اهو آهي ته اهڙي قسم جي مريضن کي وقت سر نفسياتي ماهر وٽ پهچائڻ گهرجي، هن چيو ته صحت رياست جي ذميواري آهي، نيشنل مينٽل هيلٿ لاءِ آگاهي هئڻ گهرجي ،ميڊيا کي ان قسم جي مهم هلائڻ گهرجي، هر سال 10 آڪٽوبر تي ورلڊ مينٽل هيلٿ ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ نيشنل مينٽل فار آل(سڀني لاءِ ذهني صحت) جو سلوگن هلايو ويو، هن چيو ته توهان کي خبر آهي ته اسان جي ملڪ ۾ نفسياتي ماهرن جي کوٽ آهي، جيترا آهن اهي ٻهراڙي ۾ ته بلڪل نه هئڻ برابر آهن، ميڊيا کي سروي ڪرائڻ گهرجي، هن چيو ته توهان کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته ذهني صحت بابت جيتري آگاهي ٻهراڙي ۾ آهي ايتري شهري علائقن ۾ ناهي، اتي ماڻهو نفسياتي مسئلا ٿيڻ تي علاج لاءِ اچن ٿا پر شهري علائقن ۾ لنوايو وڃي ٿو، ماڻهن کي آگاهي ڏجي ته نفسياتي مسئلو ٿيڻ ڪو عيب ناهي، اهڙو اشو ٿيڻ تي گهر ڀاتي،پاڙي وارا لڄي نه ٿين، مريض کي جلد کان جلد ڪنهن نفسياتي ماهر وٽ وٺي وڃڻ گهرجي.