ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن تي رهواسي عدالت پهچي ويا

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف بي ايريا بلاڪ  فائيو ۾ پارڪ جي زمين تي گهرن جي ڊاهڻ واري معاملي ۾6 سئوکان وڌيڪ رهواسين ڪي ايم سي جي آپريشن خلاف عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي . سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪچي آبادي کاتي، ڪي ايم سي، ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت درخواستگذارن کان ليز جي حوالي سان وضاحت طلب ڪئي آهي. درخواستگذارن جي وڪيل مولوي اقبال حيدر چيو ته رهواسي 1970 ع کان ان علائقي ۾ موجود آهن. سنڌ جي ڪچي آبادي کاتي پاران جڳهه ليز تي ڏني وئي. جسٽس نديم اختر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ماسٽرپلان جي موجب ان جڳهه تي پارڪ هو. ماسٽر پلان کي رهواسين پاران چيئلنج ڇو نه ڪيو ويو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اگر علائقي جي رهواسين کي ليز ڏني وئي آهي ته هي معاملو سول سوٽ ۾ طي ٿيندو ته هي ليز قانوني آهي ياغير قانوني آهي. جسٽس عبدالرحمٰن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پارڪ جي زمين تي آبادي ٺاهڻ ته فيصلو ڏئي چڪي آهي .وڪيل جو چوڻ هو ته چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي حڪم نامي موجب پاڙيسرين کي حق نه آهي ته هو ليز تي سوال ڪن. متاثرن وٽ شناختي ڪارڊ موجود آهن هي قبضو ڪندڙن نه آهن. وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي پاران گذريل ڏينهن آپريشن ڪيو ويو ٻن ٽن گهرن کي ڊاهيو ويو، پوليس 25 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.