بلاول نواز شريف کي هارائڻ لاءِ پي ٽي آءِ کان مدد پيو گهري: مريم نواز

لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي هارائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کان ساٿ گهري  رتو، نواز شريف کي ڪير هارائي نٿو سگهي،پاڪستان جو مستقبل نواز شريف سان جڙيل آهي،مانسهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جن وٽ ڪارڪردگي هجي اهو ڪنهن تي تنقيد ناهي ڪندو، نوازشريف هزاره،مانسهره سان محبت ڪري ٿو، ڪيپٽن صفدر توهان جي خدمت ڪئي آهي، هن هڪ هڪ ماڻهو جي مدد ڪئي آهي، ڪي پي کي تجربيگاهه بڻايو ويو، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪٿي آهن، بلين ٽري ڪٿي آهي، جيڪي وڻ هئا اهي به پٽي وڪرو ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.