ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نامزد اميدوارن سان گڏ نورحق انسٽيٽيوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ جماعت اسلامي طرفان ڪراچي لاءِ منشور جو اعلان ڪيو ويو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ شهرين جماعت اسلامي تي اعتماد ڪيو ۽ هاڻي اعتماد وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪراچي جا شهري قومي اسيمبليءَ جون 22 ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون 47 سيٽن تي تارازي جي نشان تي مهر هڻن جماعت اسلامي کانسواءِ وفاق ۽ صوبائي حڪومت ڪير به ٺاهي نه سگهندو، جماعت اسلامي چونڊن ۾ بهترين ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر، عالم، وڪيل، انجنيئر به شامل آهن. گذريل 35 سالن ۾ جن ۾ماڻهن کي مينڊئٽ ڏنو ويو انهن ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. امير جماعت اسلامي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ڪراچي جي عوام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو ۽ آبادي گهٽائي. جيڪڏهن جماعت اسلامي اقتدار ۾ ايندي ته سڀ کان پهرين ڪراچي جي آبادي کي درست ڪندي ۽ آبادي کي درست ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندگي وڌندي ۽ وسيلا پڻ فراهم ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ هن وقت نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا ناهن، جماعت اسلامي اقتدار ۾ آئي ته سڀ کان پهرين سرڪاري اسڪولن کي ماڊل اسڪول بڻايو ويندو.