ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ سي ٽي اسڪين لاءِ لڳائي ويندڙ انجيڪشن اڻلڀ

ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ سي ٽي اسڪين لاءِ لڳائي ويندڙ انجيڪشن اڻلڀ آهي. ذريعن موجب سي ٽي اسڪين لاءِ مريضن کي ڪانٽراسٽ انجيڪشن لڳائي ويندي آهي، جيڪا ڊائو اوجها ڪيمپس، سول ۽ جناح اسپتال  ۾ نه پئي ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريضن کي سي ٽي اسڪين لاءِ انجيڪشن ٻاهران آڻڻ جي هدايت ڪئي ويندي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ اها انجيڪشن وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿي رهي آهي، 3 کان 4 هزار رپين ۾ ملندڙ اها انجيڪشن 8 هزار رپين ۾ ملي رهي آهي. اسپتال انتظاميا موجب درآمد ۾ گهٽتائي سبب انجيڪشن جي کوٽ آهي، جلد مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن سنڌ جو نگران وڏو وزير معاملي کان اڻڄاڻ نڪتو ۽ چيائين ته جيڪڏهن انجيڪشن موجود ناهي ته اها صورتحال سنجيده آهي، ان حوالي سان جلد تفصيل وٺندس.

عالمي چئلينج  موثر عالمي سهڪار سان ڪنٽرول ٿيندا: پاڪستان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان غير وابسته تحريڪ جي 19هين سربراهي اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.پرڏيهي کاتي جي  ترجمان موجب يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ ٿيندڙ غير وابسته تحريڪ جي 19هين سربراهي اجلاس ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد حيدر شاهه پاڪستان جو موقف پيش ڪيو.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان غير وابسته تحريڪ سان پختي عزم جو اظهار ڪيو ۽ غير وابسته تحريڪ جي باني اصولن، امن ۽ سهڪار لاءِ مسلسل حمايت جو به اظهار ڪيو.ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ۾ چيو ته عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو،پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سڌارا ضروري آهن، ترقي پذير ملڪن ۾ ماليات، واپار ۽ ٽيڪنالاجي جا سڌارا ضروري آهن.هن چيو ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي خواهشن موجب جلد حل ٿيڻ گهرجي.

سي ايس ايس امتحان ۾ پيپرن جي تبديلي جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) تحت سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جي امتحانن ۾ پيپرن جي تبديلي جو انڪشاف ٿيو آهي.رپورٽن موجب ايف پي ايس سي جي درخواست تي ايف آءِ اي ايف پي ايس سي جي سيڪريسي برانچ جي اسسٽنٽ نديم کي گرفتار ڪري ورتو.اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار تي ٻن اميدوارن جي جوابن تي ٻڌل شيٽس تبديل ڪرڻ جو الزام آهي، جوابدار ٻنهي اميدوارن کان شيٽس تبديل ڪرڻ تي 10 لک رپيا ورتا هئا.ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدار نديم سي ايس ايس 2022 جي ٿيل امتحانن ۾ جوابن جون شيٽس تبديل ڪيون.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اميدوارن جو انٽرويو مطمئن ڪندڙ نه هجڻ تي جاچ ڪئي وئي،ايف پي ايس سي جي 3 رڪني ڪميٽي طرفان جاچ ڪرڻ تي جوابدار نديم جو ڪردار سامهون آيو,رپورٽن موجب ايف آءِ اي هالار احمد ۽ علي شير نالي اميدوارن خلاف به ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار لاءِ سهولتڪاري ڪرڻ تي ابراهيم نالي شخص خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اين اي 119 تان پي ٽي آءِ اميدوار مهر وسيم، مريم نواز جي حق ۾ دستبردار

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار مهر محمد وسيم نواز ليگ جي چيف آرگنائزر مريم نواز سان ملاقات بعد هُن جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو ۽  ڪارڪنن سميت نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي،  مهر محمد وسيم پنهنجي ساٿين سميت مريم نواز سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، خواجه عمران نذير ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا،  ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي اميدوار مهر محمد وسيم ۽ حامي مريم نواز جي حق ۾ هٿ کڻي ويا ۽ نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي،  مهر محمد وسيم ۽ ان جي ساٿين تڪ ۾ مريم نواز جي حمايت جو اعلان ڪيو، مريم نواز مهر محمد وسيم ۽ ان جي ساٿين جي نواز ليگ ۾ شموليت جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اوهان ترقي جي قافلي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، 2018 کان 2022 تائين نااهلي جو اثر پوري پاڪستان ڏٺو ۽ ڀوڳيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.