اسلام آباد ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪانفرنس، انتظاميا رستا بند ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (م ڊ ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي طرفان ”مظلوم عوام جي عالمي ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي،  جڏهن ته انتظام ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري مختلف رستن کي بند ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ بلوچ نسل ڪشي خلاف ڌرڻو ۽ انٽرنيشنل مظلوم پيپلز ڪانفرنس جي منتظمين جي پروفائيلنگ ۽ هراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. هنن چيو ته مهمانن ۽ او آءِ پي سي جي شرڪت ڪندڙن کي ڌمڪايو پيو وڃي ۽ داخل ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي. پوليس جي وڏي نفري سان گڏ ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون آهن. ٻئي پاسي سينئر صحافي ۽ ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن منيزي جهانگير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ (اڳوڻي ٽوئيٽر ) تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته مان مهرنگ بلوچ جي دعوت تي بلوچ يڪجهتي جي سيمينار ۾ وڃي رهي هئس ته پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بلاڪ ڪيا ويا هئا جتي سندس ڪئمپ آهي. اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري رستن تي موجود هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.