افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ تربيتي مرڪزن جا ثبوت اچي ويا

ڪراچي (م ڊ) افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ تربيتي مرڪزن جي موجودگي جا ثبوت سامهون آيا آهن. افغانستان جي  علائقي ڪنڙ ۾ هڪ مدرسي جي افتتاحي تقريب ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ دهشتگرد عظمت لالا ۽ مولوي فقير جي موجودگي به ڏسي سگهجي ٿي. دستاربندي واري تقريب ۾ ڪيترن ئي افغان اڳواڻن به شرڪت ڪئي. افغان طالبان جي ترجمان موجب افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ڪي به ڳجها هنڌ نه آهن. پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف افغان سرزمين استعمال ڪندي آهي، جنهن کان افغان اختيارين چڱي ريت واقف آهن. پاڪستان خلاف پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگرد ڪاررواين جو وڏو سبب افغان طالبان پاران محفوظ پناهگاهون فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.