غزا ۾ اسرائيلي فوج جي شديد بمباري، وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد

ڪراچي (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي شديد بمباري، وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزا جي رهائشي علائقن ۾ اسرائيلي فوج شديد بمباري ڪئي، نتيجي ۾ وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد ٿي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ غزا جي علائقي خان يونس ۾ نصر ۽ العمل اسپتال جي ويجهو ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي، رفح ۽ بريج ڪيمپ تي حملي ۾ وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن بعد شهيدن جو انگ 25 هزار تائين پهچي ويو آهي، اسرائيلي فوج اولهه ڪناري وٽان 22 فلسطينين کي حراست ۾ ورتو، ڏکڻ لبنان تي ڊرون جهازن ذريعي حملا ڪيا ويا، نتيجي ۾ حزب الله جا 2 ميمبر شهيد ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.