موسمياتي تبديلين جا اثر، سيارو بنا برفباري ۽ وسڪاري جي ختم ٿيڻ لڳو

ڪراچي (م ڊ ) دنيا جي ٻين ملڪن جيان موسمياتي  تبديلين جا اثر پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي تي نه رڳو محسوس ٿي رهيا آهن پر واضح طور تي نظر اچي رهيا آهن. جڏهن برسات جي موسم شروع ٿيندي آهي ته ٻنهي ملڪن جا اڪثر ميداني ۽ جبل وارا علائقا ٻوڏن کي منهن ڏيندا آهن، جڏهن موسم گرم هوندي آهي ته ايتري گرمي هوندي آهي جو رهڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن سيارو ايندو آهي ته نه برف پوندي آهي ۽ نه وري وسڪارو ٿيندو آهي. سڪل ٿڌ ڪيترن ئي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. پر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان حوالي سان خابرو اداري بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل غلام رسول چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سمنڊ جي پاڻيءَ جي گرمي پد ۾ غيرمعمولي تبديلي آئي آهي ۽ ان کي ’ايلنينو اثر‘ چيو ويندو آهي. هن ’ايلنينو اثر‘ جي ڪري جتي سمنڊ جي پاڻيءَ جو گرمي پد متاثر ٿئي ٿو، اتي ميداني علائقن ۾ خشڪ سياري ۽ برساتون نٿيون پون. موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عرفان ورڪ جو چوڻ هو ته ”هي ايلنينو اثر دراصل هڪ قدرتي نظام آهي جنهن ۾ نمي جو مقدار وڌيڪ يا گهٽ هجڻ سبب هوا ۾ نمي جو گهٽ يا وڌ ٿئي ٿو، عرفان ورڪ وڌيڪ چيو ته هن ڀيري ايل نينو اثر سبب سمنڊ مان ايندڙ هوائون ۽ ڪڪرن ۾ سامونڊي پارڻي جي گرمي پڌ جي ڪري نمي جيو مقدار ايترو شامل ناهي جيڪو پهاڙي ۽ ميداني علائقن ۾ برفباري ۽ برسات جو سبب بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.