اسان جا هيرا جمشيد نسرواجي، يوسف هارون، بهرام اواري به آهن:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان جا هيرا صرف قائداعظم ، علامه  اقبال، سرسيد يا مولوي نه آهن، پر اسان جا هيرا جمشيد نسرواجي، يوسف هارون، بهرام اواري۽ ٻيا به آهن ۽ نئين نسل کي انهن وڏن ڪردارن متعلق ڄاڻ ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ٿياسافيڪل سوسائٽي طرفان ڪراچي شهر جي اڳوڻي ميئر ۽ سماجي اڳواڻ جمشيد نسروانجي جي 138 جنم ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي ٿياسافيڪل هال ۾ تقرير ڪندي چئي. مرتضيٰ وهاب چيو ته هن جي بدقسمتي آهي جو هن کي ننڍپڻ ۾ جنرل ضياءَ جي دور جو ڪراچي ڏسڻو پيو، جڏهن ته ان کان اڳ قديم پرامن خوبصورت ڪراچي کي ڏسڻ خوشنصيبن جو مقدر رهي چڪو آهي. هن چيو ته جمشيد نسروانجي جي ڪراچي شهر جي خدمتن ۽ ڪي ايم سي عمارت جي ڪرايل تعمير جي احسان ۾ اسان ڪراچي ميٽروپول ڪارپوريشن (ڪي ايم سي ) عمارت جو نالو تبديل ڪري “ جمشيد نسروانجي ” رکيو آهي۽  هن جو هڪ ننڍڙو مجسمو پنهنجي آفيس ۾ پاڻ سان گڏ رکيو آهي ڪڏهن هن جي مجسمي مٿان ان لاءِ ڪپڙو وجهي ڇڏيندو آهيان ، جيئن هو پنهنجي جوڙيل خوبصورت جي اڄوڪي بگڙيل حالت ڏسي نه سگهي، ان دور جا ميئر شهر جي خدمت ڪرڻ لاءِ آزاد ۽ خودمختيار هوندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته جمشيد نسروانجي انسانن جي خدمت سان گڏ پکين ۽ جانورن جي به سنڀال لهندو هو ۽ قديم ڪراچي ۾ فريئر باغ سميت شهر جي ٻين هنڌن تي پاڻي جا به حوض ٺهرايا ويا هئا. مشهور صحافي غازي صلاح الدين چيو ته ٿياسافيڪل هال ڪراچي شهر جو قديم آرٽ ڪائونسل هو جتي ڊراما ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا هئا، ڪراچي شهر جي خوبصورت تعمير ۾ جمشيد نسروانجي. ۽ پارسي برادري جو وڏو هٿ رهيو آهي، اسان کي پارسين جيڪا ڪراچي حوالي ڪئي هئي، اها ماتم ۾ تبديل ٿي چڪي آهي..ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا چيو ته جمشيد نسروانجي جو سنڌ جي هارين کي منظم ڪرڻ ۽ سکر بئراج جي تعمير ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ هو جڏهن ڪاوئنسلر هو ته سنڌي هندو هرچند راءِ ڪي ايم سي جو صدر هو جنهن برصغير ۽ ترقي آفته يورپي ماڊرن شهرن کان اڳ ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻائڻ جو بنياد رکيو هو. ان تقريب ۾ سنڌ جي تعليم جي نگران وزير رانا حسين، اواري خاندان جي ڊنشا بي اواري، پارسي عورتن جي سماجي اڳواڻ توشنا پٽيل، يونس مهر، ڪارڊينل جوزف ڪائوٽس ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارسي اسڪولن جي ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪيا. آخر ۾ ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين مهمانن گڏجي جمشيد نسروانجي جي 138 هين جنم جو ڪيڪ به ڪاٽيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.