ڪراچي جي عزيز آباد ۾ 2 ڦورو سوگها، ڪٽڪي بعد پوليس حوالي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي عزيز آباد بلاڪ 2 ۾ ٻن ڦورن کي عوام پاران ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪيو ويو. ٻنهي جوابدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳئي علائقي ۾ واردات ڪئي هئي. گرفتار جوابدارن جي واقعي جي فوٽيجز به سامهون آيون  آهن، جن ۾ کين شهري کان موبائيل فون ڦريندي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس اهلڪارن به شهرين سان گڏجي ڦورن تي تشدد ڪيو. واضح رهي ته جوابدارن ڪجهه ڏينهن اڳ گهر جي چوڪ تي شهري کي ڦر ڪئي هئي، واقعي دوران 3 موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.