ميرپورماٿيلو: ساوند سندراڻي تڪرار تان پيءُ پٽ سميت 6 ماڻهو قتل،3 زخمي

ميرپورماٿيلو(رپورٽ:نصرالله گڏاڻي) ساوند سنراڻي تڪرار جي آڙ ۾ وڏي دھشتگردي. ميرپورماٿيلي ۾ ساوندن جي ڳوٺ تي سندراڻي برادري جي ھٿياربندن جو حملو. اوطاق تي ويٺلن تي انڌاڌنڌ فائرنگ. ساوندن جي ڌر جا 6 ماڻھو قتل. 3 ڄڻا زخمي. قتل ٿيلن ۾ پيءُ پٽ سميت ٽي مھمان بھ شامل. ھٿياربند آساني سان فرار. ڳوٺ ۾ قيامت.تفصيل موجب: ساوند برادري ۽ سندراڻي برادري وچ ۾ ھلندڙ تڪرار تان وڏي دھشتگردي ٿي آھي. ڪالھھ صبح جو نائين وڳي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ميرپورماٿيلي لڳ ڳوٺ مسڪان ساوند مٿان حملو ڪري حاجي سونو ساوند جي اوطاق تي ويٺلن مٿان جديد ھٿيارن سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.نتيجي ۾ ساوندن جا 6 ماڻھو موقعي تي قتل ٿي ويا.جن مان ٽي ڄڻا ڪنڌ ڪوٽ جا رھواسي ملڪ برادري جا مھمان ھئا. جڏھن تھ ٽي ڄڻا گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي پڻ ٿيا. ۽ ھٿياربند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا. جن ھٿياربندن جو تعلق سندراڻي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي.وارثن ۽ پوليس پاران  فوتين ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلي ۾ داخل ڪيو ويو. مقتولن ۾ امير علي ساوند عبدالرحمان ساوند فيض محمد ساوند ۽ سندن ڪنڌڪوٽ جا رھواسي مھمان شير علي ملڪ سندس پٽ نصيب الله ملڪ ۽ سندس سئوٽ علي رضا ملڪ شامل آھن. جڏھن تھ اربيلو ساوند شيرمحمد ساوند ۽ مھمان حبيب الله ملڪ زخمين ۾ شامل آھن.زخمين کي سول اسپتال ميرپورماٿيلي مان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد کين سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن تھ ضروري ڪاروائي بعد ايمبولنسن ذريعي پھرين ٽن ساوندن جي لاشن کي ڳوٺ مسڪان ساوند ۽ بعد ۾ ٽن مھمان ملڪ برادري جي مقتولن جي لاشن کي ڪنڌڪوٽ نيو ويو.حملي ۾ ڪنڌڪوٽ سٽي ٿاڻي تي مقرر ٿيل پوليس ھيڊڪانسٽيبل شير علي ملڪ سندس نوجوان پٽ نصيب الله ملڪ ۽ سئوٽ علي رضا ملڪ شامل آھن.جڏھن تھ ٽن زخمين ۾ ھڪ زخمي ٿيل مھمان حبيب الله ملڪ بھ قتل ٿي ويل پوليس ھيڊڪانسٽيبل شير علي ملڪ جو پٽ آھي. جيڪي ڪنڌڪوٽ مان ھتي جھانپور شريف جو ميلو گھمڻ آيا ھئا. جيڪي گولين جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته  واقع بعد ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ساڻ ڪري واقع واري ڳوٺ مسڪان ساوند ۾ پھتو. جتي ھن ميڊيا سان ڳالھائڻ کان انڪار ڪيو.

جان محمد سندراڻي جي پلاند ۾ واقعو ٿيڻ جا چئوٻول

ميرپورماٿيلو: گھوٽڪي ويجھو قادرپور شھر ۾ ٻھ ڏينھن اڳ ساوند برادري جي ھٿياربندن ھٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان  بينڪ آفيسر جان محمد سندراڻي جي پلاند ۾ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن پاران ساوند برادري جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري 6 ماڻھو قتل ۽ ٽي ڄڻا زخمي ڪرڻ جا علائقي ۾ چوٻول آھن.

حملو ڪندڙن جو انگ 8،سانحي بعد وائڙا ٿي ويا

ميرپورماٿيلو: حملو ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار ھٿيارڀندن جو تعداد چار موٽرسائيڪلن تي 8 ڄڻا ٻڌايو پيو وڃي. جيڪي ھيڏو وڏو سانحو ڪرڻ بعد وائڙا ٿيل ھئا ۽  جن کان موٽرسائيڪلون بھ ڪو نھ پيون ھلن ۽ بار بار سندن موٽرسائيڪلون بند ٿي رھيون ھيون ۽ ڪجھ تھ ذري گھٽ ٽرڪن کي ٽڪر ھڻي ايڪسيڊنٽ ٿيڻ کان بچي ويا.

ٽنهي مقتولن واقعي کان خوشي واري وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي رکي هئي

ڪنڌڪوٽ:ڪنڌڪوٽ واسي ٽنهي مقتولن ۽ زخمين واقعي کان اڳ رات جي ٽائيم آخري خوشي واري وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي رکي هئي جيڪا واقعي بعد سوشل ميڊيا تي  وائرل ٿي هئي.جڏهن ته مقتولن جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شهرين پوليس عملدارن مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ڪنڌڪوٽ واسي ٽي ڄڻا ميلو گهمڻ ويا هئا

ڪنڌڪوٽ:سندراڻي هٿياربندن هٿان مارجي ويل ڪنڌڪوٽ واسي ٽئي مقتول ۽ زخمي ٿيندڙ نوجوان گهوٽڪي ضلعي ۾ صوفي فقير انور سائين جي ميلي ۾ ويل هئا.ميلي کان واپسي تي ساوند برادري وٽ مهمان ٿي ويا هئا جيڪي سندراڻي هٿياربندن جي گولين جو کاڄ بڻجي ويا.

ڪارنهن تڪرار ۾ اجمل ساوند سميت 27 جانيون ضايع.

ميرپورماٿيلو: ساوند ۽ سندراڻي برادري وچ ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ ھڪ سال اڳ جنوري 2023 ۾ ڪارنھن جي تھمت بعد جھيڙو شروع ٿيو. جيڪو پوليس آفيسرن جي نااھلي ۽ سردارن جي بي حسي سبب ساوند برادري ۽ سندراڻي برادرين وچ ۾ قبائلي جھيڙي جو صورت اختيار ڪري ويو. ساوند سندراڻي تڪرار ۾ ڪالھھ قتل ٿي ويل 6 ڄڻن سميت لڳ ڀڳ 27 بيگناھ انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي قتل ٿي چڪيون آھن ۽ درجنين ماڻھو زخمي پڻ ٿيا آھن. ساوند سندراڻي تڪرار ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت ٻنھي برادرين جا 23 ڄڻا ڪالھھ ٽي ملڪ برادري جا مھمان ۽ اڳ ۾ ھڪ ٿھيم برادري جو ماڻھو بھ مارجي چڪو آھي.

سردارن کي گرفتار ڪيو وڃي: سماجي ردعمل

ميرپورماٿيلو: سياسي سماجي ۽ صحافين توڙي سوشل ميڊيا تي لکندڙن واقعي جو ذميوار سنڌ پوليس ۽ وڏيرن کي قرار ڏيندي چيو تھ جيڪڏھن قانون جو ڪو وجود ھجي ھا تھ قبائلي جھيڙا ڪڏھن بھ نھ ٿين ھا. ھنن قبائلي تڪرارن جي خاتمي جو حل ٻڌائيندي لکيو تھ ساوند سندراڻي برادري سميت جھيڙيندڙ ٻين برادرين جي سردارن کي گرفتار ڪري مٿن تڪرار ڪرائڻ ۽ دھشتگردي ڪرائڻ جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ان سان گڏ قتلن ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفري ڪردار تائين جيڪڏھن پھچايو وڃي تھ ناسور بڻيل برادرين جا تڪرار ڪڏھن بھ جنم نھ وٺندا.

سردارن ۾ هٿ وجهڻ تائين تڪرار حل نه ٿيندا: ايس ايس پي

ميرپورماٿيلو: ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران چيو آهي ته قبائلي چڱن مڙسن ۾ هٿ وجهڻ تائين خوني تڪرار حل نه ٿيندا،هن چيو ته  مقتولن جا وارث جهيڙن جو سبب بڻيل چڱن مڙسن تي ڪيس داخل نه ٿا ڪرائين، 6 ڄڻن جو قتل ساوند سندراڻي قبائلي تڪرار تان ٿيو

ڪنڌڪوٽ: ٽنهي مقتولن جي تدفين، سوڳ ۾ شهر بند

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ :ممتاز سنڌي+عرفان علي کوسو) هيڊڪانسٽيبل شير علي ملڪ سندس پٽ نصيب الله ملڪ ۽ علي رضا ملڪ جي مارجي  وڃڻ جي خبر سندس گهر ۾ پوڻ شرط ڪهرام ماتم مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو.هيڊڪانسٽيبل جي شهيد ٿيڻ جو اطلاع ملڻ بعد محلي ۾ شهري گڏ ٿي ويا.افسوسناڪ واقعي جو اطلاع ٽنهي مقتولن جي وارثن کي ملڻ بعد ملڪ برادري جو سردار لياقت خان ملڪ سميت ۽ ٻيا ميرپور ماٿيلو نڪري پيا ۽ سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جن کي وارثن ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو.ٽنهي مقتولن جا مڙهه ڪنڌڪوٽ گهر پهچڻ تي قيامت برپا ٿي وئي ۽ هر اک آلي هئي جڏهن شهر جا اڪثر ڪاروباري مرڪزن جا دڪاندار ڏک ۾ دڪان بند ڪري مارجي ويلن جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ پهتا.جڏهن ته ٽنهي مقتولن جي جنازه نماز ادا ڪري ڪنڌڪوٽ جي جمن شاه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا.ياد رهي ته سندراڻي-ساوند تڪرار ۾ اجمل ساوند،وڪيل نور الاهي سندراڻي سميت تعليم يافته نوجوان ۽ ٻين برادرين جا ماڻهن سميت 27 ڄڻا قبيلائي دهشتگردي جي ضد ۾ اچي هميشه لاءِ موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ عورتن معصوم ٻارڙن سميت 17 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.