بجلي بلن تي ٽيڪس جي مد ۾ ٽن سالن دوران واهپيدارن کان 1410 ارب وصول ٿيڻ جو انڪشاف

لاهور(م ڊ) بجلي جي بلن تي ٽيڪس حڪومت جي آمدني جو وڏو ذريعو بڻجي ويو آهي. گذريل ٽن سالن دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ان مد ۾ واهپيدارن کان 1410 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي. دستاويز موجب 2سالن ۾ بجلي جي بلن تي ٽيڪس وصولي جي شرح ٻيڻي ٿي وئي آهي، 2021ع ۾ بجلي واهپيدارن کان 345 ارب کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا، جڏهن ته 2022ع ۾ 461 ارب کان وڌيڪ ۽ 2023ع ۾ 603 ارب کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا. دستاويزن موجب ٽيڪس وصولي بجلي جي اصل قيمت کان علاوه آهي، جڏهن ته پي ٽي وي فيس جي مد ۾ 25 ارب 70 ڪروڙ، انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 180 ارب کان وڌيڪ ۽ واهپيدارن بلين جي اضافي ٽيڪس جي صورت ۾ 89 ارب 69 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.