رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھ سالار ھو:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) استاد مفڪر سياستدان رسول بخش پليجو جي 94 سالگرھ جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته  رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو، ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو رسول  بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھ سالار ھو، رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو ھو، رسول بخش پليجو ھڪ فرد نه پر اداري جو نالو آھي رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو، اياز لطيف پليجي چيو ته  رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون،هن چيو ته  رسول بخش پليجو سنڌ آھي ۽ سنڌ رسول بخش پليجو آھي، پليجي ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ جنگ ڪئي، پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون، قومي عوامي تحريڪ پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي،اياز لطيف پليجي چيو ته  رسول بخش پليجو علم دوست شخصيت آھي، پليجو  جسماني طور ته  اسان کان جدا ٿيو آھي پر سندس نظريو ۽ ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ آھن رسول بخش پليجو قبيلائي دھشتگردي ۽ عورتن جي قتلام خلاف للڪار ھو، ھن جرڳائي نظامي خلاف جدوجھد جا بند وڌا، رسول بخش پليجو سراپا زندگي ھو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.