اقبال زيڊ خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جو رڪارڊ ڪراچي منتقل

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ۾ جي جي وي ايل جي مالڪ اقبال زيڊ احمد ۽ ٻين خلاف 28 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو ريفرنس داخل  ڪيو ويو آهي. اقبال زيڊ احمد سميت 7 جوابدارن خلاف ريفرنس جو سمورو رڪارڊ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت جي جج ريفرنس کي احتساب عدالت نمبر 4 منتقل ڪري ڇڏيوآهي .20ڊسمبر 2023 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ريفرنس حيدرآباد مان ڪراچي جي احتساب عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ريفرنس ۾ نامزد ٻين جوابدارن ۾ اقبال زيڊ احمد جو پٽ رضي الدين احمد، عاصم افتخار ،قاضي همايون فريد، سلامت علي، محمد رمضان ۽ فصيح الدين احمد شامل آهن. جوابدارن تي نيب طرفان 28 ارب رپين جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا الزام آهن. جوابدارن خلاف نيب پاران احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.