لاهور ( م ڊ) اليڪشن 2024 ۾ ٽرانسپورٽ، فول پروف سڪيورٽي انتظامن ۽ ٻين خرچن ۾ واڌ سبب چونڊ خرچن جو ڪاٿو 49 ارب کان وڌي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت کان 47 ارب رپيا گهريا هئا، جيڪي مرحليوار اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا پيا وڃن. ملڪ ۾ سڪيورٽي خدشن ۽ سرحدي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس، رينجرز، فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ ساڍا 3 ارب رپيا طلب ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان رڳو پنجاب پوليس اليڪشن ڪميشن کان عام چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ هڪ ارب 19 ڪروڙ رپيا گهريا آهن.