ڪرپشن جي خاتمي جي ويڪسين به تيار ٿيڻ گهرجي: گورنر

ڪراچي (رپورٽر ) گورنر ڪامران خان ٽيسوري عورتن جي ڪينسر جي مختلف بيمارين جي علاج لاءِ گورنر هائوس ۾ سوسائٽي آف اوبسٽيٽڪ اينڊ گائناڪالوجي آنڪولوجي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.  گورنر سنڌ اي آء بيسڊ چيٽ باٽ فيم جي پي ٽي جو به افتتاح ڪري ڇڏيو، گورنر چيو ته گورنر هائوس جا دروازا هر ڪنهن لاءِ کليل آهن، ڪو به شخص ڪنهن به پريشاني ۾ هجي  اهو گورنر هائوس هليو اچي، جيڪڏهن ملڪ سان سٺو ڪيو هجي ها ته اڄ آءِ ايم ايف آڏو هٿ نه ٽنگڻا پون ها، ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪينسر جي بچاء وانگر هڪ ويڪسين  ڪرپشن جي خاتمي لاءِ به ايجاد ڪئي وڃي،هن چيو ته ٻن ڏينهن کان اسپتالن جا دورا ڪري رهيو آھيان۔ هڪ بيڊ تي ٽي ٻار ڏٺا، ڪراچي يا پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايمرجنسي جي اها حالت آھي ته باقي سرڪاري اسپتالن جو ڇا حال هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.