ووٽن جي موسم ايندي ئي اسان جي سياستدان جون وري چال بازيون شروع ٿي ويون آھن، رُٺلن کي پرچائڻ ڪاوڙجي ويل دُوستن کي پرچائڻ وري ياد آيو آھي .
پنج سال پراڻيون تعزيتون به ياد ھاڻي آيون وري اقتدار ۾ اچي توھان جا مسئلا حل ڪرڻ جھڙا گفتا به ھاڻي ياد آيا آھن پنج سال پھريان مقامي توڙي مقامي سياستدان لنڊن جھڙن شھرن ۾ سُڪون سان سُتل ھُئا جو ھاڻي اقتدار ۾ اچي اسان کي ۽ اسان جي اُولادن کي نوڪريون ڏيندا يا کير جون نديون وھائيندا اُنھن کي ھاڻي ياد آيو آھي ته اسان جو ڦلاڻو ووٽر گذاري ويو آھي ان جي دعا گھرڻ به ھاڻي ياد آيو. اُوڙي پاڙي ۾ ڪير ڪير مُئا سندس ڪا به خبر نه پر اليڪشن جي مھيني سڀ ڪجهھ ياد ڏياري ڇڏيو ڪير بچيو ڪير مئو ھاڻي تعزيتون شروع آھن .انھيءَ لاءِ جو اليڪشن مٿي تي آھي.
ھنن سياستدانن زندگي پنھنجي ۽ پنھنجي اُولاد جي زندگي ٺاھي ڇڏي آھي ھنن جون ملڪيتون ٻاھرين ملڪن ۾ جڳھون پراپٽيون ٻاھرين ملڪن ۾ سندس اُولاد پڙھن ٻاھرين ملڪن ۾ ھنن جا گھر ڪاروبارون ٻاھرين ملڪن ۾ عيش عشرتون ٻاھرين ملڪن ۾ وي آءِ پي مينرول واٽر پاڻي پيئن ٻاھرين ملڪن ۾ گرمي سردي کي ڏسن ئي ڪو نه ڪنھن شئي جي پرواھ آھي نه ڪو ھنن جا گھر ڊٺا آھن نه ئي ھي لوڙھيا آھن ڪورٽ ھنن جا اسڪولون ھلائن مرضي سان وڪيل ھنن جا ماستر پوليس .چوڪيندار ھنن جا ڪوچون.بنگلا.بسون ٽاسپورٽون ھنن جا ٻنيون ٻارا ھنن جا پاڻي ھنن جو .
صرف حُڪومت ڪن پاڪستان ۾ لوٽڻ ۽ ٺاھڻ اچن ٿا.پاڪستان ۾ اسان کان تعليم کسيائون.بجلي ختم اسپتالون ويران زمينون بنجر ميريٽ جي منھن تي چماٽ ھڻي ڇڏيو اٿئن دوائون نقلي جبل.ڪوئلو ڪشمير ڪارونجھر سنڌ توڙي جو بلوچستان کپائي کائي ڇڏيائون ڇا ڏنو اٿئن اسان کي توھان ڪامورن جي غلط روين ۽ پاليسين جي ڪري اٻوجهھ ماڻھن جو جيئڻ بتر کان بدتر ٿي ويو آھي توھان ھميشه پنھنجا ڍڍ ڀريا عوام کي لوڙائي ماري ڇڏيو اٿو.
توھان ھر حال ۾ عوام کان بلاتر ۽ طاقتور آھيون مڃون ٿا توھان جي پھچ وڏن ماڻھن تائين آھي توھان جو ھر غير قانوني ڪم به سيڪڊن ٿي وڃي ٿو ۽ عوام جو جائز ڪم ۾ رولڙو پئجي وڃي ٿو. توھان ڪڏھن عوام جا سور ٻڌا آھن ۽ ڏک ڏٺا ئي نه آھن ته عوام ڪيئن جيءُ پيو ڪيئن مري پيو.
مھانگائي عروج تي پھتل آھي جنھن جو توھان کي ٽڪي جو به احساس نه آھي عوام ھڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آھي ۽ توھان ماني کائي انھيءَ کي ھضم ڪرڻ لاءِ ورزش شروع ڪندا آھيون.
گذريل پندرنھن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان جمھوريت جي ڪوڙي دعويدار پارٽي حڪومت ۾ آهي جنهن رھندو سنڌ کي ئي تباھ ڪري ڇڏيو غريب بي پھچ ۽ بي واھ عورتن جا به پئسا کائي کپائي ڇڏيا آهن.حقيقي سياست ته ان کي چئجي ٿو ته توھان علائقي واسين جا ڪم ڪيو مسئلا حل ڪيو، براين جي پاڙ پٽيو، نواڻ آڻيو مھينا سال صديون گذري ويا ۽ توھان ڪا به ھڪ ترقياتي ڪم ڪنھن به علائقي ۾ ڪرائي ھُجي ته اُن جو مثال پيش ڪيو توھان ماڻھن جي خوشين ۾ ڪُوڪو ٺوڪيو آھي قبيلن کي پاڻ ۾ ويڙھائي خون ڪرايا آھن توھان جي ڪري برادريون ختم دشمنيون وڌيون آھن ماڻهو ويڙھائي ماريا اٿو توھان جي حُڪومت جون پاليسيون عوام دوست نه پر عوام دشمن پاليسيون آھن .
ووٽن جي موسم ايندي ئي اسان جي سياستدان جون وري چال بازيون شروع ٿي ويون آھن، رُٺلن کي پرچائڻ ڪاوڙجي ويل دُوستن کي پرچائڻ وري ياد آيو آھي .پنج سال پراڻيون تعزيتون به ياد ھاڻي آيون وري اقتدار ۾ اچي توھان جا مسئلا حل ڪرڻ جھڙا گفتا به ھاڻي ياد آيا آھن