چار چار جاچ آفيسر پر ڇوڪري آزاد نه ٿي: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 20 سالن جي تانيا جي آزادي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ايس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته تانيا آزاد ٿي يا نه، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هن پسند جو پرڻو ڪيو آهي، ايس ايس پي جاچ آفيسر شاهراهه فيصل چيو ته ڇوڪري جي  ڳولا جاري آهي اميد آهي ته جلدي ملي ويندي، عدالت ڇوڪري جي گهروارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي ڇوڪري ڪهڙي جاءِ تي شادي ڪئي آهي، ناري جي گهروارن چيو ته نياڻي شادي ڪئي هجي ها ته عدالت ڇو اچون ٿا، اسان جي نياڻي ٻن مهينن کان گم آهي، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري، عدالت چيو ته 4، 4 جاچ آفيسر موجود آهن پر ڇوڪري آزاد  ناهي سگهي، آءِ جي سنڌ کي لکون ٿا ته اوهان کي معطل ڪري، عدالت ڊي آءِ جي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري 2فبيروري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.