اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي ميڊيا لاءِ 17 نقاطي ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو، قومي ميڊيا ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا شامل آھن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ مهم دوران قومي ميڊيا پاڪستان جي نظريي، خودمختياري ۽ سلامتي خلاف ڪا به خبر نشر نه ڪندي، قومي ميڊيا عدليه ۽ ٻين قومي ادارن جي آزادي ۽ سالميت جي خلاف تعصب رکندڙ راين جي عڪاسي نه ڪندي، اهڙن بيانن يا الزامن کي نشر نه ڪيو ويندو جنهن سان قومي وحدت، امن امان جي صورتحال کي خطرو هجي، اليڪشن ڪميشن موجب ڪو به مواد شامل نه ڪيو ويندو جيڪو ڪنهن به اميدوار، سياسي پارٽي، مذهب، برادريءَ جي بنياد تي ذاتي حملو هجي، خلاف ورزي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هڪ اميدوار پاران ٻئي اميدوارن تي الزام ھڻڻ تي ٻنهي پارٽين طرفان تصديق ڪئي ويندي، پيمرا، پي ٽي اي، پي آءِ ڊي، اطلاعات واري وزارت جو سائبر ڊجيٽل ونگ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي ڏنل ڪوريج جي نگراني ڪندو، اميدوار ۽ سياسي پارٽيون پولنگ واري ڏينهن 10 ڏينهن اندر ادائگي جا تفصيل ڏيندا، پيمرا، پي ٽي اي، پي آءِ ڊي، اطلاعات واري وزارت جو سائبر ڊجيٽل ونگ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪندو، حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ميڊيا جي نمائندن ۽ ھائوسز کي تحفظ فراهم ڪن، قومي خزاني مان ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي چونڊ مهم نه هلائي ويندي، ووٽر آگاهي پروگرام هلايا ويندا، اليڪشن جي ڏينهن کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ ميڊيا مهم ختم ڪئي ويندي، چونڊ عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيندي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته صرف تصديق ٿيل ميڊيا جا نمائندا پولنگ اسٽيشن ۾ هڪ ڀيرو ڪئميرا سان پولنگ جي عمل جي وڊيو ٺاهڻ لاءِ داخل ٿيندا، ڳجهي ووٽن جي وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت نه هوندي، ميڊيا جا نمائندا ڪيمرا کانسواءِ ڳڻپ جو مشاهدو ڪندا، ميڊيا جا نمائندا اليڪشن کان اڳ، دوران يا بعد ۾ مداخلت نه ڪندا، پولنگ ختم ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ بعد تائين نتيجا نشر نه ڪيا ويندا، نتيجن کي شايع ڪرڻ وقت اهو ذڪر ڪيو ويندو ته اهي غير سرڪاري، نامڪمل نتيجا آهن جن کي آر او پاران اعلان ٿيڻ تائين حتمي نه سمجهيو ويندو، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي صحافي يا ميڊيا جي اداري جي ايڪريڊيشن ختم ٿي سگهي ٿي.