عليحدگي پسند ايران ۽ ڀارت سان ملي سازشون پيا ڪن: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ گم ٿيل بلوچن جو ڊرامو رچائيندڙ ماڻهو بري طرح وائکا ٿي چڪا آهن. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري کي چئلينج ڪندڙ عنصرن کي ڀرپور جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪ فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، ان ايڪشن ذريعي ڀارت جي دهشتگردي جو نيٽ ورڪ وائکو ٿي ويو .هن چيو ته اسان بار بار چئي رهيا هئاسين ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي، علحيدگي پسند ۽ دهشتگرد تنظيمن جا ماڻهو ايران ۽ ڀارت سان ملي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا هئا. سندس چوڻ هوته پاڪستان ۽ خاص طور بلوچستان ۾ دشمن قوتون اندورني افراتفري ۾ ناڪامي کانپوءِ پرڏيهي مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، جنهن بابت مسلسل قوم کي آگاهه ڪندا رهيا آهيون. نگران اطلاعات واري وزير چيو ته پهريان به واضح ڪيو هو ته دشمن ڪڏهن به سازشن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. اچڪزئي وڌيڪ چيو ته ان کان پهرين به ڌرڻو هڻندڙ عورتن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.