ميدان نه ڇڏيندڙ ئي شينهن ۽ ليڊر هوندو آهي: مريم نواز

خانيوال (م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ميدان مان نه ڀڄندڙ شينهن ۽ ليڊر هوندو  هي. خانيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نوازشريف جي واپسي جو ڪو سبب آهي، ميدان ڇڏي نه ناهي ڀڳو. هن چيو ته شينهن ۽ ليڊر اهي هوندا آهن جيڪي ميدان مان نه ڀڄندا آهن، 2018ع ۾ هر طرف ڌانڌلي ٿي پر خانيوال جي شينهن ڪنهن کي به داخل ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته اڄ ڪو به مقابلو ڪرڻ وارو ناهي، هو پنهنجا جوتا ڇڏي بزدلن وانگر ڀڄي ويا. مريم نواز چيو ته اچو ۽ مقابلو ڪريو، ميدان مان ڇو ڀڄي رهيا آهيو؟ اڄ ليول پليئنگ فيلڊ ۽ انتقام جا الزام هنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڇا نواز شريف چيو هو 9 مئي تي رياست تي حملو ڪرڻ جو، ڇا ن ليگ اڳواڻ جعلي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو چيو هو.  ن ليگ اڳواڻ چيو ته ڪي پي ۾ جعلي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرايا ويا. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي عوامي طاقت ڏسي چونڊ نشان ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.